
نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) نوابشاھ جي علائقي تاج ڪالوني جي رھواسي پورھيت محمد ھاشم ميمڻ پنھنجي زال حنيفان، ڌي حسينا ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي آصف رضا ميمڻ ۽ اي سيڪشن پوليس خلاف نوابشاهه پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجو نياڻو آصف ميمڻ مونکي ھر وقت گھر اچي ھٿيارن سان موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو، ھن چيو ته آصف رضا ميمڻ منھنجي نياڻي تي ھر وقت تشدد ڪندو ھو جنھن جي ظلمن کان تنگ ٿي منھنجي گھر ۾ پناھ ورتي جنھن تان مڇرجي ھر وقت گھر اچي ھٿيارن سان حملو ڪري اسان کي حراسان ڪري ٿو، ھن چيو ته مان اھڙي شڪايت اي سيڪشن پوليس کي ڪئي پر پوليس ھن وقت تائين جوابدار خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ـ