Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / نوابشاھ جي خانگي سينٽر ۾ نيو سعيد آباد واسڻ مھوش ملڪ کي بي ھوشي واري حالت ۾ پي ايم يو اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ ڇڏي ھليا ويا

نوابشاھ جي خانگي سينٽر ۾ نيو سعيد آباد واسڻ مھوش ملڪ کي بي ھوشي واري حالت ۾ پي ايم يو اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ ڇڏي ھليا ويا

نوابشاھ ( رپورٽ: مزمل چانڊيو) نوابشاھ جي خانگي سينٽر ۾ نيو سعيد آباد واسڻ 25 سالن جي مھوش زال شاھد ملڪ کي ويم دوران آپريشن لاءِ آندو ويو، آپريشن بعد عورت بيھوش ٿي وئي، جنھن کي ھوش نه اچڻ تي خانگي ميڊيڪل سينٽر جي عملي بي ھوشي واري حالت ۾ پي ايم يو اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ ڇڏي ھليا ويا، انھيءَ موقعي تي بيھوش ٿيل عورت جو مڙس شاھد ملڪ، عورت جو ڀاءُ اصغر ملڪ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن مھوش کي نارمل ڊليوري لاءِ خانگي سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي مقصودہ ميمڻ پاڻ آپريشن ڪرڻ بدران ٻي ڊاڪٽرياڻي ثمرين آپريشن ڪيو، ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب عورت گذريل 24 ڪلاڪن کان بيھوش ٿيل آھي ۽ خانگي ميڊيڪل سينٽر جي عملي اسان کي ٻڌائڻ بغير پي ايم يو اسپتال ۾ ڇڏي ھليا ويا، ھنن مطالبو ڪيو ته خانگي ميڊيڪل جي عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …