Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / مضمون / نصاب جو تنقيدي جائزو ـ سردار احمد ٻرڙو

نصاب جو تنقيدي جائزو ـ سردار احمد ٻرڙو

اها ڳالھ ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته دنيا جي سڌ ريل ملڪن سائنس کي اپنائي ترقي ڪئي آهي ـ
اچو ته اسان پنهنجي نصاب تي ھڪ نظر وجھون ۽ تعليمي کوٽ جا ڪارڻ ڳولي لھون ـ
سنڌ جي اندر جڏهن به تعليم جي کوٽ تي وڏا بحث ٿيندا آھن ته ان جو جواز ڪاپي ڪلچر کي مڃيو ويندو آھي. سوال اھو آھي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو نظام ختم ٿي وڃي ته اسانجي تعليم سڌي ٿي ويندي؟ تعليم ئي اھو ھٿيار آهي جنهن سان تبديلي آڻي سگهجي ٿي، پر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسانجو نصاب جيڪو اسانکي پرائمري کان ويندي گريجيوئيٽ ليول تائين پڙھايو وڃي ٿو اھو پراڻو، مذھبي، فرسوده مواد سان ڀريو پيو آھي جيڪي بيت ۽ گيت اسان جي ابن ڏاڏن پڙھيا اھي ئي اسانجي ايندڙ مستقبل جي معمارن يعني 5 پيڙھي کي پڙھايا ٿا وڃن اسانجي نصاب ۾ ڌارين حملا آورن کي ھيرو پيش ڪيو ويو آھي ۽ مڪمل ڪوڙي تاريخ سان نصابي ڪتاب ڀريا پيا آھن، اوھانجي اڳيان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي طرفان ڇپيل بنيادي ٻاراڻو ڪتاب رکون ٿا ـ
سبق اٺاويھون
ادا آء
ڀلي آء
جئ آء
ماني کاء
پاڻي پئ
سدا جئ
ڪتاب ۾ لکيل سبق ۾ جيڪا تصوير شايع ٿيل آھي ان ۾ ڏيکاريل آھي ته ڀاء اسڪول کان اچي رھيو آھي ۽ ڀيڻ ماني رکي در تي بيھي انتظار ڪري رھي آھي، ھي تصوير آخر ڇا ڊليور ٿي ڪري؟ ته مرد بالاتر ذات آھي عورت جو گھر ۾ رھڻ ئي بھتر آھي جڏھن ته مرد داناء آھي اھوئي تعليم حاصل ڪري ان کان علاوه ھڪ ٻيو سبق جيڪو سگھڙعورت جي نالي سان نصاب ۾ مشھور آھي جنهن ۾ ھڪ عورت جا ڳڻ ڏيکاريا ويا آھن اتي ھڪ سوال ٿو اڀري ڇا عورت چادر ۽ چوديواري ۾ رھي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رھي گھر جي صفائي سٿرائي ڀرت ڀرڻ ئي عورت جو ڪم آھي ڇا عورت چوديواري کان ٻاھر نڪري تعليم حاصل نٿي ڪري سگھي، پنهنجي جياپي لاء نوڪري نٿي ڪري سگھي، ھونئن ته اسان وڏيون دعوائون ڪندا آھيون ته اسلامي معاشري ۾ عورت کي آزادي ڏني وئي آھي ۽ اسلامي عقيدن جي بنيادن تي ٺھيل اسانجي ملڪ اسلامي جمھوريه پاڪستان ۾ به عورت آزاد آھي، پوء ڪتابن جي ذريعي توھان ڪھڙي آزادي قوم جي دماغن ۾ ڦوڪي رھيا آھيو ته ھڪ ھنڌ عورت در تي بيھي ڀاء جي اسڪول کان موٽڻ جو انتظار ڪري ۽ ٻئي پاسي چادر ۽ چوديواري ۾ ٻانھي ٿي رھي ـ
دنيا چنڊ تي وڃي پھتي اسان وارا ٻار اڃا پراڻيون پروليون پيا پڙھن جھڙوڪ
گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون
جو کير پئي سو وير پئي
اڀ ۾ اڏري پکي به ناھي ڀلا ٻڌايو ڇا آھي
پھرين سنڌي ڪتاب ۾ سبق ھڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو جڏھن نتيجو ڪيوسين ته خبر پئي ته جڏو انڌي جي ڪلھي تي چڙھي ھڪٻئي جو رستو آسان ڪن واه جا اسانکي ڪتاب ڏنا اٿن جنهن ۾ رياست جي ھڪ به زميواري ناھي سمجھايل، انڌو ۽ منڊو ھڪٻئي جي مدد ڪن باقي سرڪار ڪا مدد نه ڪندي ـ
ان کان علاوه نصاب ۾ چوٿين کان ڏھين ڪلاس تائين سنڌ جي عظيم شاعرن جا بيت ڏنل آھي اھي به مذھبي جڏھن ته لطيف ۽ سچل سيڪيولر شاعر آھن سندن جي شاعري پيار محبت ۽ امن، بھادري ۽ اتساھ جو درس ڏئي ٿي ھنن مذھب جي پيشوائي بالادستي کي للڪاريو آھي ـ
پنجين درجي جي سنڌي جي ڪتاب ۾ سبق “پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ” جيڪو شھرين تي ٻڌل آھي جنھن ۾ شھرين کي ماحولياتي صفائي سٿرائي جو درس ڏنو ويو آھي، جيڪڏهن شھري جنهن ۾ استاد شاگرد ڪاروباري ماڻھو ٻھارا کڻي گليون صاف ڪن ته پوء ھي پبلڪ ادارا ڇا ڪندا، جڏھن ته صفائيَ جو ڪم ھڪ مخصوص اداري جو آھي ـ
اچو ته “پاڪستان جي اڀياس” ۽ “اسلاميات” تي ھڪ نظر وجھون ته پاڪستان جي اڀياس ۾ اسانکي ڌارين حملا آورن عربن، مغلن، غزنوين، خلجين کي ھيرو ڄاڻائي پيش ڪيو ويو آھي تاريخ ٻڌائي ٿي ڌاريو حڪمران مذھب جو چوغو پائي ڦرلٽ جي خيال سان ڌرتي ڌڻين مٿان قابض ٿيو جن اسان تي ظلم ڪيا اھي ھيرو ٿي ويا باقي جن ڌرتي تان سر ڏنو انھن چند جو نصاب ۾ ذڪر ملي ٿو باقي ٻيا ظاھر ناھن ڪيا ويا، انهن ڪتابن جي ذريعي اسانجي قومي وجود جو استحصال ٿي رھيو آھي، انکان علاوه اسلاميات تي ھڪ نظر وجھون ته اسلاميات جو نصاب جنگين جي قصن سان ڀريو پيو آھي اٺ ڏھن يا ٻارنھن سالن جو ٻار جنهن کي ڪتابن ۾ جنگين جا قصا پڙھايا ويندا ته ان ملڪ ۾ سائنسدان ـ تعليمدان ـ تاريخدان گھٽ ۽ مجاھد طالبان گھڻا پيدا ٿيندا، اسانجو تعليم کاتو اھڙي کڏ ۾ ڪريل آھي جتي صرف اسلام جي پيروڪارن لا قديم مواد مس ھٿ ڪيو ٿن جڏھن ته ھنن ئي ادارن ۾ عيسائيت، ھندوازم ۽ ٻين مذھب جا پيروڪار پڙھن ٿا ۽ اھا رياست جي زميواري آھي ته انهن لاء نصاب چونڊ ڪري ـ
نائين درجي جي سبجيڪٽ بائيولاجي ۽ ڪيمسٽري تي ھڪ نظر وجھون ته بائيولاجي جي شروعات ۾ ئي قرآني آيتن جو حوالو ڏنو ويو آھي سمجهه ۾ ڳالھ نٿي اچي ته سوشل سائنس ۾ مذهبي ۽ آسماني ڪتابن جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ ھا ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته مذھبن انسان جي زندگي گذارڻ جا طريقا سيکاريا آھن پر جڏهن انسان اوائلي دور ۾ غارن ۾ رھندو ھو ۽ جڏھن انسان ۾ شعور آيو ته ھن پوکي ڪرڻ شروع ڪئي، انسان وڏين محنتن سان ڪشالا ڪٽي ايجادون ڪيون ڏينھن رات محنتون ڪري مختلف نظريا ڏنا، سائنس جي مدد سان ھن دنيا ترقي ڪئي آھي‚ ڪيمسٽري جي مواد تي جيڪڏهن نظر وجھون ته ورھاڱي کان به اڳ اسان جا وڏا مادي جا ٽي قسم گئس، لڪيوئڊ، سالڊ پڙھي ويا ۽ اسان به اھو پيا پڙھون پر دنيا جي سوشل رياستن مادي جا 5 کان وڌيڪ قسم ڳولي لڌا آھن ائين ٿو لڳي ھر دور ۾ نصابي ڪتابن جو ڊزائينون مٽائي اسانکي پڙھايا پي پيا وڃن، جيڪڏهن ھئ رياست لبرل سوچ ۽ اظھار جي آزادي تي پابنديون ٿي ھڻي ته پوء نصاب جي غير ضروري مواد تي به پابنديون مڙھڻ گھرجن، ھر علم دوست ماڻهو ڄاڻي ٿو ته سائنس جا جديد طريقا اپنائي ترقي ڪري سگھجي ٿي، اسانکي به ائين ڪرڻ گھرجي ته نصاب کي جديد سائنسي سيڪيولر بنيادن تي ٻڌي مستقبل جي معمارن کي پڙھائجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اسان ٻين قومن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سگھون ـ

Check Also

استاد سنجيدہ ٿي تعليم ڏيندو تہ ٻار ان وٽ پاڻھي ايندا بس تعليم ڏيڻ واري عمل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بڻايو وڃي ـ مسڪين محمود لغاري

سردار احمد ٻرڙو مسڪين محمود لغاري سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ساھتي پرڳڻي جو پس …