
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامور خطيب ۽ شيعا عالم علامه ضميراختر نقوي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو، اطلاعن موجب علامه ضمير اختر نقوي کي رات دير سان سيني ۾ تڪليف ٿي جنهن کانپوءِ آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو ـ
علامه ضمير اختر نقوي جي پيدائش 24 مارچ 1944ع ڀارت جي شهر لکهنو ۾ ٿي، پاڻ عالم هئڻ سان گڏ شاعر، مرثيه نگار پڻ هو، پاڻ ثقافت، فلسفي، شاعر، مذهب جي 300 کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ پڻ رهيو ـ
علامه ضمير اختر نقوي جون آخري رسمون انچولي امام بارگاھ ۾ ادا ڪيون وينديون ـ