
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نا معلوم افراد فلم کان شروعات ڪندڙ پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره عروه حسين چيو ته مڙس فرحان سعيد جيڪڏهن ٻي شادي ڪري ته چپ رهندس، مون کي اعتراض نه هوندو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيو جنهن ۾ ميزبان صنم بلوچ سندس کان ٻي شادي جو سوال ڪيو جنهن تي عروه چيو ته مڙس جي ٻي شادي تي خاموشي اختيار ڪنديس، ڪو خاص رد عمل ظاهر نه ڪندي ـ