Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / ميونسپل ڪميٽي نوابشاھ ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل بيروزگار ڪينسل ليٽر پھچڻ کانپوءِ انٽرويو ڏيڻ بنا گھرن ڏانھن روانا ٿي ويا

ميونسپل ڪميٽي نوابشاھ ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل بيروزگار ڪينسل ليٽر پھچڻ کانپوءِ انٽرويو ڏيڻ بنا گھرن ڏانھن روانا ٿي ويا

عبدالرزاق شيخ ۽ عظيم مغل

نوابشاھ (مزمل چانڊيو) ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه ۾ مختلف 141 پوسٽن تي انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل سوين بيروزگار نوجوان اوچتو بلديا کاتي سنڌ پاران ڪينسل ليٽر پھچڻ کانپوءِ انٽرويو ڏيڻ بنا مايوس ٿي پنھنجي گھرن ڏانھن روانا ٿي ويا ـ ضلعي شھيد بينظيرآباد جي ٻن سياسي بااثر شخصيتن پاران پنھنجن پنھنجن من پسند ماڻهن کي نوڪريون فراھم ڪرڻ جو فارمولو طئي نه ٿيڻ ۽ اڳوڻي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه محمد عظيم مغل ۽ موجوده سي ايم او عبدالرزاق شيخ ۾ اندروني اختلافن سبب اڄ ٿيندڙ انٽرويو پڻ ڪينسل ڪيا ويا آهن، ھوڏانھن مختلف پوسٽن جي انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل بيروزگار نوجوانن چيو ته اسان سخت گرمي ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ آياسين ۽ صبح کان وٺي منجھند تائين دربدر رھياسين ۽ اوچتو انٽرويو ڪينسل جو نوٽيس ھڻي اسان سان زيادتي ڪئي وئي آهي ـ
ھوڏانھن ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين عظيم مغل ٻڌايو ته گذريل ڪيترن سالن کان وٺي بيروزگار ماڻھن کي نوڪريون نه مليون آھن ۽ اسان چئن سالن جي عرصي ۾ ڪابه سياسي ڀرتي نه ڪئي ۽ ميونسپل ڪميٽي ۾ 141 پوسٽون ڪڍيون ۽ اڄ جيڪي انٽرويو ٿي رھيا آھن انھن جي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي اجازت آھي ۽ ھاڻي موجوده آفيسرن جي مرضي آھي ته اھي انٽرويو ڪن ٿا يا نٿا ڪن، ھوڏانھن سي ايم او عبدالرزاق شيخ ٻڌايو ته اڄ ٿيندڙ انٽرويوز جي اجازت جو ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سنڌ جو ليٽر مليو آھي ۽ تصديق لاءِ واپس موڪليو آھي پر ھاڻ اسان کي سيڪشن آفيسر سنڌ لوڪل گورنمينٽ جو ليٽر مليو آھي جنھن ۾ ھن اڳ ۾ آيل ڊائريڪٽر واري ليٽر کي معطل ڪيو آھي جنھن جي ڪري ھاڻي اسان انٽرويو نٿا وٺي سگهون، ھوڏانھن ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جنيد سمون ٻڌايو ته اڄ ٿيندڙ انٽرويو جي اجازت وارو ليٽر موجود آھي پر انٽرويو ڪميٽي جڙيل آھي وڌيڪ اھا پاڻ فيصلو ڪندي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …