Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڳاله ٻوله / موکي ميڊيا طرفان بشير احمد قريشي کان ورتل انٽرويو

موکي ميڊيا طرفان بشير احمد قريشي کان ورتل انٽرويو

شهيد بشير احمد قريشي 22 فيبروري 2011ع تي موکي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو ـ
موکي ميڊيا: جسقم جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها اشوز جي سياست ڪري ٿي توهان جو ان باري ۾ ڇا چوڻ آهي؟
شهيد بشير احمد قريشي: مان سمجهان ٿو ته جيئي سنڌ قومي محاذ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي آزاد سنڌوديش جي پروگرام تي عمل پيرا آهي ۽ جدوجهد ڪري پئي. 7نومبر2010ع ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ گُُهر ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻيو ڪوبه اشو نه هو. پوري عالمي انسانيت جي لاءِ ۽ پوري دنيا جي لاءِ جيڪو امن جو محبت جو پيغام هو خصوصي طور سنڌ رکي ٿي ۽ اهو پيغام جڏهن سنڌ آزاد ٿيندي ته آزاد طريقي سان اسان دنيا تائين پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهو ٿا، مان اهو سمجهان ٿو ته جيئي سنڌ قومي محاذ اها جماعت آهي جيڪا سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪري پئي، نظرياتي حوالي سان، تنظيمي حوالي سان، سياسي حوالي سان اسان جا جيڪي به اجتماع يا پروگرام ٿين ٿا. اهي سنڌ جي آزادي لاءِ آهن ۽ مسلسل ڪارڪنن جي تربيت پيا ڪيون ته جيئن انقلاب يا آزادي جي لاءِ ماڻهن کي تيار ڪري سگهجي، جيڪي ماڻهو دراصل اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪن پيا اهي پاڻ سنڌوديش جي مسئلي تي واضح نه آهن، جڏهن سنڌ سان اهي مسئلا پيش اچن ٿا جيئن پاڻي جو مسئلو اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ڌاري آبادڪاري اسان جي لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي ٻيا به مسئلا آهن پر جيئي سنڌ قومي محاذ انهن سڀني مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي، پاڻي اسان جي ساهه جو مسئلو آ زندگي آ، اهو ختم ٿي ويندو سنڌ ختم ٿي ويندي، اهڙن مسئلن جي ڪري جيڪڏهن جسقم خاموش هجي مان سمجهان ٿو ته اهو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. تنهنڪري جيئي سنڌ قومي محاذ هر ننڍي وڏي مسئلي تي سخت کان سخت احتجاج ڪيو آ، پنجاب جا رستا بند ڪيا آهن، ٽرينون بند ڪيون آهن، ڌرڻا هنيا آهن اها هڪڙي جدوجهد جي وڏي تاريخ آهي، انهيءَ وقت به جيڪي بي عمل ماڻهو آهن جن وٽ نه ماڻهو آهن نه ئي اهي سنجيده آهن اهي صرف غلطيون ڪڍي سگهن ٿا انهن جا پنهنجا عمل جيڪي قومي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ وارا عمل آهن جيئن رياست عمل ڪرائيندي آهي ته قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي خلاف پروپيگنڊا هلايو جيئن انهن جي پٺيان ڪارڪن، ماڻهو مايوس ٿين ـ
مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيئي سنڌ قومي محاذ آزادي مارچ هجي، جيڪو سکر کان وٺي ڪراچي تائين ڪيو ويو اهو پيغام سنڌ مارچ هيو، سڌي طرح آزادي مارچ هو ۽7 نومبر تي پهريون دفعو سنڌ جي تاريخ ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو نڪتا جن ۾ ڪن نيوز وارن لکيو ته ٻه لک ماڻهو نڪتا، ڪن لکيو ته ست لک ماڻهو نڪتا مطلب ته پهريون دفعو لکن جي تعداد ۾ ماڻهو نڪتا، جنهن ۾ رياست طرفان اها پروپيگنڊا ڪئي وئي ته هتي بم بلاسٽنگ ٿيندي، هتي ماڻهو مرندا، هتي فساد ٿيندو جيئن ماڻهن جي حاضري تي اثر پئجي سگهجي، پر سنڌ سڄي ڏٺو ميڊيا به شاهد آهي ته اتي لکن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا ۽ اتي ڪو به ٻيو اشو نه هو اتي سڀني ماڻهن جو هڪ ئي نعرو هو ته نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي، اڃا به جيڪڏهن ڪير اهڙي ڳالھ ڪندو ته پوءِ ڪنهن جي چوڻ سان ڪو فرق نٿو پوي ـ
موکي ميڊيا: ڇا آزادي پسند تنظيمون اسٽيٽ (حڪومت) کان ڪنهن قسم جو مطالبو ڪري سگهن ٿيون يا ڪرڻ درست آهي؟
شهيد بشير احمد قريشي: سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان وٺي جيڪي به اسان جا ننڍا وڏا جلسا ٿيا آهن انهن ۾ جسقم ڪڏهن به مطالبو نه آهي ڪيو، اسان جي دوستن ۽ ڪارڪنن کي ايجنسين گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان انهن لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايا آهن، دنيا کي ٻڌائندا آهيون اسان جي بيڏوهي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن انهن جي مٿان ڪي ڪيس آهن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيئي سنڌ قومي محاذ اهڙي رياست کان جيڪا بي شرم ۽ بي حياءِ آهي جتي سڇ ڳالهائڻ تي بندش هجي، جتي مظلومن کي ماريو ٿو وڃي، جتي اڄ تائين به سنڌ ۽ بلوچستان جا هزارين نوجوان گم آهن، جتي بلوچستان جي نوجوانن جا چچريل لاش پيا ملن، اهڙي صورتحال ۾ رياست کان ڪهڙو مطالبو ڪري سگهجي ٿو، اسان جي نظر ۾ ته آصف علي زرداري به حڪومت جو نوڪر آهي انهن جو غلام آهي جيڪو انهن جي چوڻ تي ڪم پيو ڪري، وزير اعظم، پارليامنيٽ، اسيمبليون انهن جي ڪا به حيثيت ناهي هتي اڄ به پنجاب جي بالادستي آهي، فوج جي حڪمراني آهي، ايجنسيون هتي سياست پيون ڪن، مان نٿو سمجهان ته هنن کان مطالبو ڪجي، اسين هميشه پنهنجو موقف دنيا تائين پهچائيندا آهيون، دنيا جي باضمير انسانن تائين، ملڪن تائين پهچائيندا آهيون ۽ پنهنجي ماڻهن تائين اهو موقف پهچائيندا آهيون ته سنڌ غلام آهي، سنڌ پنجاب جي ڪالوني لڳي پئي آهي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ سنڌ کي هن غلامي مان ڪڍڻ لاءِ آزاد سنڌوديش جي جدوجهد ڪري رهي آهي ـ
موکي ميڊيا: سائين جي ايم سيد صوفي ازم، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم تي پنهنجي ڪتابن ۾ گهڻو زور ڏنو آهي، ڇا جسقم انهن ڳالهين کي پنهنجي ڪارڪنن تائين درست انداز ۾ پهچائي سگهي آهي؟
شهيد بشير احمد قريشي: اسان ڪوشش ڪئي آهي، پنهنجي وس آهر، جڏهن به رابطا مهم ماڻهن ۾ هلندي آهي، پنهنجن جلسن ۽ جلوسن ۾ انهيءَ شي تي زور ڏيندو آهيان، سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي جيئي سنڌ قومي محاذ پنهنجي پاليسي ظاهر ڪئي آهي، ته هن سال اسان صوفي ازم جو سال ڪري ملهائينداسين، صوفي ازم تي اسان ڪانفرنسون ڪرائينداسين. صوفي درگاهن تي هنن جي فڪر جي تشريح ڪرائينداسين، سنڌ جي ماڻهن وٽ حقيقي محبت، عشق، ڀائيچاري جي جيڪا تعليم آهي اها دنيا کي مذهبي انتهاپسندي مان ڪڍڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پر افسوس آهي ته سنڌ غلام آهي، غلامي جي ڪري اسين سنڌ جو آواز دنيا تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، سنڌ واحد ملڪ آهي جيڪو پوري دنيا جي رهنمائي ۽ امامت ڪري سگهي ٿو پر سنڌ غلام هجڻ جي ڪري صحيح طرح سان سنڌ جو آواز اسان جي صوفين جي تعليم ۽ تبليغ اها اسان صحيح طرح سان نٿا پهچائي سگهون، باقي سيڪيولرزم، سوشلزم، جهموريت اسان جي پارٽي جا پهريان نڪتا آهن، اسان جي پارٽي جي منشور جو پهريون حصو آهن ته اسان هڪ سيڪيولر قوم آهيون، اسان جي رت ۾ ئي سيڪيولرزم سمايل آهي، اسان نفرت ڪرڻ سکيا ئي نه آهيون، اسان جو مذهب ئي محبت ۽ پيار آهي ـ
موکي ميڊيا: ڇا جيئي سنڌ قومي محاذ وٽ عددم تشدد کان علاوه ڪو ٻيو موقف يا ڪا ٻي پاليسي موجود آهي؟
شهيد بشير احمد قريشي: اسان سنڌ جي آزادي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ ان جي نظريي جي روشني ۾ وٺون ٿا، سائين جي ايم سيد اسان کي ٻڌايو آهي ته سنڌوديش جي آزادي جدوجهد سان ملندي، هڪ دفعي سائين جي ايم سيد ڪنڌڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، نوجوانن هزارين فائر ڪيا سائين سخت ناراض ٿي پيو، ان وقت نوجوانن چاچي حفيظ قريشي جو وڃي پاسو وٺي سائين جي ايم سيد کي چيو ته سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ته ٿيندي، فائرنگ ته ٿيندي، ويڙهه ته ٿيندي ان وقت سائين وراڻيو ته هڪ به گولي نه هلندي پر سنڌ جو ماڻهو سنڌوديش جي آزادي جي گُهر ته ڪري! ـ
اسان سنڌي قوم جي ٻڌي، ايڪي ۽ اتحاد ۾ يقين رکون ٿا، اسان عوامي طاقت ۾ يقين رکون ٿا، عوام اها وڏي طاقت آهي جيڪڏهن سنڌي قوم لکن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ نڪري اچي، ته آءُ سمجهان ٿو آزادي اسان کي عوامي طاقت سان ملندي، جيئن هندستان ۾ گانڌي ورتي انهيءَ عددم تشدد جي بنياد تي لکين ڪروڙين ماڻهو ڪڍي روڊن تي آندا، ايران ۾ انقلاب آيو اتي به خميني هٿيار کڻي ڪونه آيو، عوام نڪري پيو، اڄ تيونس ۾ ماڻهن انقلاب آندو آهي، اتي به عوام نڪري پيو حڪمرانن کي ڀڄڻ جو به رستو نه مليو آهي، ماڻهو پاڻ ئي هڪ وڏو هٿيار آهي، هڪڙو سنڌ جو ماڻهو جيڪڏهن ذهني طور تي سنڌ جي آزادي کي تسليم ڪري ٿو، ان کي صحيح سمجهي ٿو، پاڪستان جي وجود کي غير فطري سمجهي ٿو، سنڌ جي لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿو ته جيترو وقت پاڪستان قائم رهندو اوتري وقت سنڌين جي ڳچيءَ ۾ غلامي جا ڳٽ وڌيڪ سوڙها ۽ سوگها ٿي ويندا، انهيءَ ڳالھ کي جڏهن ماڻهن محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته ماڻهو اسان جو ساٿ ڏيندا، ڪلھ اسان جي لاءِ ماڻهو گڏ ڪونه ٿيندا هئا، ڳوٺن ۾ ويندا هئاسين ته چوندا هئا ته جيئي سنڌ وارا ڪافر آيا آهن، ملڪ جا دشمن آيا آهن، اهو دنيا جهان جو ڪو گند نه هو جيڪو قومپرستن تي اڇلائيندا هئا، پر اڄ جتي وڃون ٿا لکن جا ميڙاڪا گڏ ٿين ٿا. اڄ لکين ماڻهون گڏ ٿي سنڌوديش جي آزاديءَ جي گُهر پيا ڪن. مان سمجهان ٿو سائين جي ايم سيد جي نظريي ۾ وڏي طاقت ۽ سگهه پيدا ٿي آهي ۽ جيڪي ماڻهو ماڻهن کي گمراھ ڪرڻ لاءِ چون ٿا ته تشدد جي ذريعي آزادي ملڻي آهي ته مان سمجهان ٿو اهي ماڻهن کي گمراهه ٿا ڪن. انهيءَ ڪري اسان چئون ٿا عددم تشدد اهڙو هٿيار آهي، انهيءَ سان دنيا جي ڪابه طاقت پهچي نٿي سگهي. اڄ فلسطين پنهنجا چار نسل مارائي چڪا آهن، پر اهي اڄ به ٽيبل تي ويهڻ کي ترجيح ٿا ڏين ۽ اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي نجات قومي ٻڌي جي ذريعي، عوامي طاقت جي ذريعي، عوام جي سمنڊ جي ذريعي حاصل ٿئڻي آهي انهيءَ تي اسان پنهنجو ڪم ڪيون پيا ـ
موکي ميڊيا : سائين جي ايم سيد جي ڪتاب، سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ ۾ سائين جي ايم سيد خوني انقلاب جي ڳالھ ڪئي آهي، جيئي سنڌ قومي محاذ ان لفظ مان ڪهڙو مطلب وٺندي؟
شهيد بشير احمد قريشي: مان نٿو سمجهان ته سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ ۾ سائين جي ايم سيد خوني انقلاب جي ترجماني ڪئي هجي، انقلاب کي حاصل ڪرڻ جا هڪڙا ذريعا ضرور ٻڌايا آهن، وڙهي انقلاب وٺي سگهجي ٿو، جئين بلوچ اڄ وڙهن پيا، بلوچ پنهنجي لاءِ جيڪو بهتر طريقو سمجهن ٿا. اهو بلوچ جي قومي تحريڪ لاءِ بهتر آهي، هنن شروع کان وٺي پاڪستان کي تسليم نه ڪيو، هو شروع کان وٺي جبلن ۾ وڙهن پيا، اسان وٽ نه جبل آهن، نه اسان وٽ ٻيلا آهن، نه ئي اسان وٽ اهڙو ڪو ماحول آهي، ويڙھ جو جڏهن وقت ايندو ته هر غيرت مند ماڻهو وڙهندو، ويڙھ کان انڪار ناهي، نه ئي ويڙهه کان ڊڄون ٿا پر سائين جي ايم سيد ويڙهه کان اسان کي شروع کان وٺي روڪيندو آيو آهي. اسين چئون ٿا سائين جي ايم سيد پنهنجي فڪر جي ذريعي پنهنجي ڪتابن ۾ جيڪا به اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، انهي ۾ چٽو ۽ واضح نموني عدم تشدد جو رستو اختيار ڪيو آهي، اڄ به جيئي سنڌ قومي محاذ جي پاليسي عدم تشدد تي مبني آهي ۽ انهيءَ جي ذريعي اسان کي نجات حاصل ٿئڻي آهي، اسان نوجوانن کي گمراھ ڪري پنهنجا ذاتي فائده حاصل ڪرڻ نٿا چاهيون، اسين انقلاب چاهيون ٿا، عوامي طاقت جي ذريعي، ماڻهن جي قوت جي ذريعي ـ
موکي ميڊيا: پاڪستاني ايجنسيون منظم انداز سان پنجابين ۽ پٺاڻن ذريعي مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي رهيون آهن، ٻئي طرف منظم سازش تحت جهادي مدرسه جوڙي سنڌين کي انتهاپنسدي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، ڇا انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جسقم وٽ ڪا اهڙي حڪمت عملي آهي؟
شهيد بشير احمد قريشي: صوفي ازم ئي وڏي حڪمت عملي آهي، اسان جون درگاهون، صوفي ازم جي پرچار، ڪانفرنسون، ميلا، ملاکڙا اهي سڀئي شيون انهن جو ٽوڙ آهن، اسان بلڪل ڪوشش ڪيون پيا ته مذهبي انتهاپسندي خلاف هڪ وڏي هلچل هلايون، اها هلچل اسان سائين جي ورسي کان پوءِ باقائده اٺ ڏھ مهينا انهيءَ ورڪ ۾ هوندا ۽ ٻيو اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالھ ٻڌايان ته سنڌي ماڻهو ڀلي کڻي مذهبي ماڻهو هجي، پر ڪٽرپڻو انهن جي دل ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي، سنڌ جي اندر توهان کي مسجد، مندر، چرچ گڏ نظر ايندا، اهڙا کوڙ مثال سنڌ ۾ مان اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿو، سنڌ توڙي مذهبي هجي پر ڪڏهن به انتهاپسند نه رهيي آهي، جئين پنجاب جي اندر هر مذهبي انتهاپسندي هر دهشتگرد جو نيٽ ورڪ آهي، هر مذهبي جماعت جا مکيه سينٽر پنجاب ۾ آهن ـ
موکي ميڊيا: جسقم ۾ عورتن، پورهيتن يا مزدور جو فعال ڪردار نظر نٿو اچي، جهڙو هجڻ گهرجي خاص طور تي عورتن جو، اهڙو نظر نٿو اچي؟
شهيد بشير احمد قريشي: عورتون اسان جي معاشري جو اڌ حصو آهن، ڪو به انقلاب عورتن جي شموليت کانسواءِ اڻپورو آهي، اسان جي قومي تحريڪ جي اندر لکين ڀينرون اسان جون همدرد آهن، پارٽي ۾ ڪم هو ظاهري طور نٿيون ڪن پر مان جيڪڏهن توهان کي ٻڌايان ته جيڪڏهن فرض ڪيو ته اسان جي جلسن ۾ ٻه لک ماڻهو شريڪ ٿيا آهن ڪراچي ۾ ته اهي ٻه لک خاندان شريڪ ٿيا آهن، جيئي سنڌ قومي محاذ جڏهن اعلان ڪندي ته ٻه لک عورتون اسان سان گڏ جدوجهد ۾ بيهنديون پر هتي سنڌ جي سياست ۾ ڪجھ ماڻهو اهڙا آهن جن جو اهڙو ڪردار رهيو آهي جيڪي انهن ويساھ گهاتيون ڪيون آهن، انهن جيڪي بي شرميون ڪيون آهن، انهن جي ڪري ماڻهن جو سياست ۾ پنهنجي نياڻين کي ڇڏڻ جو ويساھ کڄي ويو آهي، مان انهن ماڻهن جو نالا نه ٿو وٺان، جن جي عمل، جن جي ڪردار جي ڪري ڪو به شريف ماڻهو جيڪو سنڌ سان همدري رکندو هجي، اهو پنهنجي نياڻي کي قومي تحريڪ ۾ سري عام موڪلڻ لاءِ تيار هجي، جيڪڏهن اهڙو وقت آيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ عورتن جو هڪ نجي طاقت جو مظاهرو ڪري سگهي ٿي، انهيءَ ۾ اسان دنيا کي ڏيکارينداسين، سنڌي نياڻيون اسان جون ڪيتريون همدرد آهن ـ
موکي ميڊيا: تازو گورنمينٽ ذوالفقار آباد رٿا جو اعلان ڪيو آهي، ان رٿا جي پويان اصل مقصد ڪهڙا آهن؟
شهيد بشير احمد قريشي: هتي حڪمرانن جي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪوشش رهي آهي ته ڌاري آبادڪاري جي لڏپلاڻ ڪرائي هتان جي مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي، لياقت علي ڪوشش ڪئي، ايوب صاحب ڪوشش ڪئي، ڀٽي به ڪا ڪثر نه ڇڏي، مشرف به نه گهٽايو، ضياءَ الحق به نه گهٽايو، ضياءَ الحق به افغاني پٺاڻ کڻي اچي هتي افغاني ڪالوني، پٺاڻ ڪالوني تعمير ڪرايا، مشرف به ساڳي ڪاروائي ڪئي، پيپلز پارٽي هميشه جڏهن ڏکيا وقت آيا آهن، ڌارين آبادي کي هميشه سپورٽ ڪيو آهي، اڄ به سوات مان، سرحد مان، افغانستان مان جيڪي به هتي لٽيرا آيا، سڀني کي هتي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، جڏهن لکين ماڻهو ٻوڏ ۾ دربدر پئي ٿيا، پاڻي نه ٻوڙيو، درياءَ سنڌ کي نه ٻوڙيو پر حڪمرانن ۽ پيپلز پارٽي سنڌ کي ٻوڙيو، ٺوڙهي بند هٿ سان ٽوڙيو يا بند ٽوڙيا، ماڻهن مڙسي ڪري هٿ سان بچايا، قائم علي شاھ، مرزا صاحب ماڻهن سان واعده ڪيا، نوڪريون، گهر ٺاهي ڏينداسين پر ماڻهن جي ڪابه مدد نه ٿي، لٺيون هڻي ڪراچي مان ڀڄايو ويو، زبردستي انهن کي ڳوٺ روانو ڪيو ويو، نه انهن کي اناج مليو، نه گهر ٺهي مليو، نه ئي ٽٽل بند هن مهل تائين ٺاهي سگهيا آهن، انهيءَ جو ذميوار اسان پيپلز پارٽي کي ٿا سمجهون، ذوالفقار آباد به ان جي ڪڙي آھ، اتي ڌارين ماڻهن کي آباد ڪيو ٿو وڃي، جئين ٽوٽل ايريا جي جيڪا سرزمين آهي، اتي ڌارين ماڻهن کي آباد ڪيو وڃي، ڪراچي جي سمنڊ تي ڌاريا ويهاريا ويا آهن، اڄ به هي ڪوشش پيا ڪن ته ڪيٽي بندر وارا، شاھ بندر وارا اهي علائقا سامونڊي پٽي وارا آهن، ڌاري آبادي کي قائم ڪيو وڃي ـ
سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري هي نام نهاد جيڪا جهموريت آهي پنجاب جي مفادن جي تحفظ پئي ڪري، جنهن ۾ اسان سنڌين جي ڪابه حيثيت ناهي، پر اسان کي انهن ۾ سنڌي قوم سڏائڻ جو به حق حاصل ناهي، انهيءَ آئين تحت اسان کي هتي ٿورائي ۾ تبديل ڪري هتان جا حڪمران به ڌاريا ٿي ويهندا، جيڪي ويٺا آهن اهي به نوڪر آهن فوج جا، اهي به ايجنسين جا نوڪر آهن، اهي به مڪمل بي اختيار آهن، انهن وٽ ڪوبه اختيار ناهي ته پنهنجي ماڻهن کي رليف ڏئي سگهن يا پنهنجي مرضي سان سنڌ جي ڀلائيءَ جو ڪو ڪم ڪري سگهن، زرداري يا پيپلز پارٽي جيڪا اقتدار ۾ ويٺي آهي اها به نوڪري پئي ڪري پنجابين جي، ذوالفقار علي ڀٽو جنهن 73 جو آئين ٺاهيو، جنهن 99 هزار فوجي انهن جا آزاد ڪرايا، جنهن ائٽم بم جو انهن کي پلان ڏنو، جنهن سڄي دنيا ۾ اسلامي ملڪن جا پئسا ميڙي اچي هتي گڏ ڪيا، انهيءَ ماڻهو کي هنن پاڻ ماريو، بلوچن نه ماريو، سنڌي ججن هن کي نه ماريو، پٺاڻن نه ماريو، پنجابي ججن هن کي ڦاهي ڏني هئي، بينظير جيڪا هميشه پنجاب جي مفاد جي ڳالھ ڪندي هئي، پاڪستان جي زنجير سمجهي ويندي هئي، انهن کي به پنجابين ماريو، راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو، اڃا تائين هن دور اقتدار ۾ هوندي، بينظير جي خون سان هي وفا نٿا ڪري سگهن، ان جي قاتلن تائين نٿا پهچي سگهن سنڌين سان هي ڪهڙو انصاف ڪندا ـ
موکي ميڊيا: ڇا جسقم سائين جي ايم سيد جي سالگرهه يا ورسي تي جيئي سنڌ جي سمورن ڌڙن سان گڏجي پروگرام ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي آهي؟
شهيد بشير قريشي: سائين امير حيدر شاھ سائين جي ايم سيد جو پڳدار پٽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو ميمبر آھ، انهيءَ وٽ ڪي ڌريون ويون ڪي دوست ويا ته سائين جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن کي گڏايو، سائين مون کي فون ڪئي، مون چيو سائين، جن جو سائين جي ايم سيد جي نظريي يا سنڌوديش جي آزادي ۾ ايمان آهي، سائين جي ايم سيد کي پنهنجو رهبر سمجهن ٿا ۽ سنڌوديش ۾ هُنن جو يقين آهي ته توهان ڀلي مون کي ڪنهن سان به ويهاريو، انهيءَ جا سڀ اختيار توهان وٽ آهن پر سڀ ماڻهو ڦري ويا، مون تي اڄ تائين جيڪي الزام لڳل آهن انهن ۾ ڪا سچائي به نظر نه ٿي اچي، انهن مون مٿان الزام هنيا، ڪو به الزام نه ڇڏيو پر مون سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو، اڄ به چوان ٿو جن جو سنڌوديش جي آزادي تي يقين آه، اچن اسان سانگڏجي جدوجهد ڪن ـ

Check Also

قومي ميڊيا تي نظرانداز ٿيل سنڌ جو آواز ـ صاحب خان ڀٽي

صاحب خان ڀٽي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ هڪ سازش تحت سنڌ ۾ …