Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / سائنس ۽ ٽيڪنالاجي / موکي ميڊيا | زندگي جي شروعات | دستاويزي فلم

موکي ميڊيا | زندگي جي شروعات | دستاويزي فلم

موکي ميڊيا جي تعاون سان ”سائنس جي دنيا“ ارتقا بابت هڪ مختصر دستاويزي فلم پيش ڪئي آهي. هن ويڊيو ۾ اوهان ڄاڻي سگهندا ته ڪيئن هڪ خوردبني زندگي وقت به وقت تبديل ٿي آهي، ارتقا اسان جي وجود جو صحيح جواب ٿي سگهي ٿو ـ
اسان هتي ڪئين پهتا آهيون؟ ڇا اسان جي زندگي جو ڪو مقصد آهي؟ يا اسان صرف اتفاق آهيون؟ جڏهن اسان دنيا کي ڏسون ٿا ته اهو يقين ڪندا آهيون ته اسان جو ڪو مقصد آهي پر جيڪڏهن ائين نه هجي ۽ اسان صرف ان جي ڪري زنده آهيون ڇاڪاڻ ته اسان زنده رهي سگهياسين ۽ ٻيا جاندار زنده نه رهي سگهيا ـ
گهڻا ئي اهڙا مقدس سوال جيڪي دنيا طرفان رد ڪيا ويا آهن ۽ مختلف عقيدن جي بنياد تي انهن سوالن جا جواب ڏنا وڃن ٿا پر سترهين صدي دوران ڊارون جي ارتقا جي نظريي هڪ وڏو انقلاب آندو ۽ اسان کي انهن سوالن بابت سائنسي معلومات ڏني ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …