Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / مورو ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن طرفان شاگرد يڪجهتي مارچ

مورو ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن طرفان شاگرد يڪجهتي مارچ

مورو: مورو ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن طرفان “شاگرد يڪجهتي مارچ” ڪيو ويو. مارچ ۾ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، شاگردن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جنهن تي شاگرد يونين جي بحالي، نصاب کي جديد سائنسي ۽ سيڪيولر بڻايو، يونيورسٽي مان فورسز جي مداخل ختم ڪرڻ جا مطلبا لکيل هئا، مارچ باءِ پاس ٽائون کان مورو پريس ڪلب پهتو، مارچ جي اڳوڻي رضوانه، افسانه، اُجالا انيلا عادل، اڪبر، سردار ٻرڙو، سليم جتوئي، خير محمد مزمل ڪري رهيا هئا. جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ ضياء جي دور کان شا گرد يونين تي پابندي لڳل آهي. جنهن سان شاگردن جا مسئلا جيئن ڳريون فيسون وٺڻ، نياڻين تي حراسمينٽ، يونيورسٽي اندر سيٽون وڌائڻ، صاف پاڻي کان ويندي گندي پاڻي جي نيڪال، انٽرنيٽ جي سهولت ميسر نه هجڻ، ان کان علاوه يونيورسٽي ۽ هاسٽلن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تعليمي اداري اندر هٿيار اُڀا ڪري بيٺا آهن جيڪو ايڪويهين صديءَ جي انساني حقن جي معيارن تي هڪڙو بدنما داغ آهي. جنهن لاءِ ضروري آهي ته شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي ـ
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ پرائمري کان يونيورسٽي ليول تائين نصاب بي بنياد معلومات ۽ نفرت انگيز پڙهايو وڃي ٿو. جڏهن ته پوري دنيا ۾ نصاب جديد سائنسي ۽ سيڪيولر هجي ٿو. اسان وٽ رياست تعليمي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري دفاع جي بجيٽ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ڪري ٿي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن ملڪ جا مالڪ تعليم کان وڌيڪ هٿيارن کي اهميت ڏين ٿا ۽ تعليم کي هڪ ڪاروبار ليکين ٿا ۽ اسان ان جا خريدار بڻجي پيسن عيوض خريد ڪيون ٿا. ان کان علاوه مارچ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن، صحافي ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪئي جن خطاب ڪندي چيو ته هن وقت شاگرد متحد ۽ منظم ٿي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جو رستو اختيار ڪن، شاگردن جي خاموشي استحصالي قوتن کي طاقت ڏيندي، ان لاءِ ضروري آهي ته پوري دنيا جي شاگردن وانگر ٻڌي جو رستو اختيار ڪري پنهنجي مسئلن جي پوراءُ لاءِ گڏ ٿين ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …