Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / مورو ۾ عورت مڙس جي تشدد سبب پريس ڪلب مورو پهچي وئي

مورو ۾ عورت مڙس جي تشدد سبب پريس ڪلب مورو پهچي وئي

مورو (رپورٽ وحيد رزاق مستوئي) مورو شھر جي گچيرو روڊ جي رھواسڻ مسمات صاحبہ عرف سپنا جوڳرا مڙس پاران مارڪٽ ڪري طلاق ڏيڻ بعد ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو جتي هن ٻڌايو تہ مونکي پنھنجي ماءُ پيءُ ٻہ سال اڳ طارق ولد فضل الدين کوکر سان شادي ڪرائي جنھن بعد مون مٿان طارق مارڪٽ ڪندو رھيو پر مان خاموش رھيس ۽ ھو مونکي غلط ڪمن لاءِ زور ڀريندو رھيو جنھن جي انڪار تي ھن مونکي مارڪٽ ڪري طلاق گھران ڪڍي ڇڏيو ۽ ھن وقت مان پنھنجي ماءُ پيءُ وٽ رھان ٿي ـ
هن وڌيڪ چيو ته مونکي اڳوڻو مڙس طارق کوکر سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، جنھن جي ڪري مونکي منھنجي والدين کي طارق کوکر ۽ ان جي ٻين مائٽن مان جان جو خطرو آھي. ھن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، جسٽس آف سنڌ ھاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ نوشھروفيروز، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ء ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي تہ طلاق ڏيڻ بعد موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ طارق ۽ ان جي مٽن مائٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …