Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / مورو ۾ شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڊاڪٽر نمرتا کي ڀيٽا

مورو ۾ شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڊاڪٽر نمرتا کي ڀيٽا

مورو: مورو ۾ نوجوان شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران چانڊيڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مورو پريس ڪلب اڳيان ڏيئا ٻاري قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳوڻي اشفاق پنهور، معاز زبير قريشي، راجه يعقوب دل، زبير ابڙو، علي ابڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي هنن چيو ته ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جو قتل هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪيو ويو آهي، سندس قتل ۾ ملوث جيڪي به بااثر ماڻهو يا ڌريون آهن انهن کي ظاهر ڪري گرفتار ڪيو وڃي، اهڙا واقعا شاگردن يونين تي پاندي جو سبب آهن. نمرتا ڪماري سنڌ جي معصوم نياڻي آهي سندس قتل سان انصاف ڪيو وڃي ـ
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نمرتا ڪماري جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪرائي ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تحفط کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته سياسي سماجي شخصيتن ۾ اسلم ڪوريجو، محمود اعواڻ، بلاول ڏاهري، ياسين ملاح، شاهنواز ڀٽي، عمران سنڌي، فهيم لانگاهه، مهراڻ سنڌي، محمد علي سولنگي، ياسين سومرو، ساگر لغاري، مزمل لغاري، ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …