Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / مورو ۾ بلدياتي اليڪشن جو اعلان ٿيندي ئي لنجار هائوس تي گڏجاڻي

مورو ۾ بلدياتي اليڪشن جو اعلان ٿيندي ئي لنجار هائوس تي گڏجاڻي

مورو (رپورٽ علي شير ڏيپر) مورو ۾ پي پي اڳواڻ ايڊوويڪيٽ ضياءالحسن لنجار جي بنگلي تي لنجار هائوس جي ترجمان نواز علي ڊومڪي پاران مورو جي مشھور، سياسي سماجي ڪاروباري شخصيت علي اصغر انورالدين ڪورائي جي مان ۽ شان ۾ چانهه پارٽي ڏني وئي، چانھ پارٽي ۾ اصغر انورالدين ڪورائي سان گڏ علي گل خاصخيلي جج، رائو محمد تسليم راجپوت، ايڊووڪيٽ منور الدين ڪورائي، بشير خان لغاري، احسان علي ميمڻ، شاهنواز ڏهر، سراج علي سولنگي، شاهد علي ميڻ، غلام حسين سولنگي، روشن علي ڪورائي، نصير احمد سرهيو، اظھر علي ميمڻ، مظھر علي سولنگي، ماجد علي سولنگي، غلام مرتضي ڪورائي، ڪامران علي ملڪ ۽ ٻين گاڏين ۾ وفد جي صورت ۾ لنجار هائوس مورو پهتا جتي لنجار هائوس جي ترجمان نواز علي ڊومڪي شهرين جي آجيان ڪئي ان موقعي تي لنجار هائوس جي ترجمان نواز علي ڊومڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد عوامي پارٽي آهي، جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن، ان پارٽي کي ختم ڪرڻ لاء وقت جي جابرن ڊڪٽيٽرن وڏا هيلا هلايا مگر کين ناڪامي نصيب ٿي آھي ڇو جو هن پارٽي جو بنياد شهيدن پنهنجو خون ڏئي رکيو آھي ۽ هن پارٽي محور عوام آھي هن وڌيڪ چيو ته ضياءالحسن لنجار هن پارٽي جو سچو ۽ مخلص ڪارڪن آھي هن هميشه پارٽي ۽ پارٽي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ان موقعي تي مورو جي مشھور سياسي سماجي سوشل شخصيت اصغر انورالدين ڪورائي چيو ته اسان پيپلز پارٽي جا پراڻا ورڪر آهيون اسان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان وس ۽ وت آهر عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي آھي ۽ ڪندا رهنداسين ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …