
مورو (رپوٽر علي شير ڏيپر) مورو تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن درس، نوان جتوئي، ڏيپارجا، سڌوجا ۾ تازين برساتن کان پوءِ مڇرن ۽ مکين ۾ زبردست اضافو ٿي ويو آھي. مڇرن جي چڪ پائڻ ۽ مکين جي کاڌي پيتي جي شين تي ويھڻ کان پوءِ غريب عوام جون ننڍون حرام ٿي ويون آھن ۽ خلق خدا مليريا، ڊائريا، بخار ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجي وئي آھي، مگر ھتي جي انتظاميه کي عوام جو ڪوبه فڪر ناھي ۽ انتظاميه ايئرڪنڊيشنن ۾ آرامي آھي. ھتان سماجي اڳواڻن ۽ مکين مڇرن جي متاثرن حاجي انور الدين ڪورائي، دل شير ڏيپر، غلام سرور سابقي، حبيب الله چانڊيو، مرتضئ سولنگي ۽ ٻين ھتان جي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آھي تي جلد ھتي مڇر ۽ مکين مار ڦوھارو ڪرايو وڃي ـ