
مورو (رپورٽ علي شير ڏيپر) مورو ڀرسان ڳوٺ تارڙا جيسر ۽ ٻين ڳوٺن جا آبادگار پنھنجي سارين جي فصل کي جيت مار زھريلو ڦوھارو ڪري رھيا ھئا ته زھريلي جيت مار دوا جو دماغ تي اثر ٿيڻ ڪري پير بخش جيسر سميت 10 ھاري بيھوش ٿي ويا ـ
بيھوش ٿيل ھارين کي پنھنجن مٽن مائٽن کڻائي مورو سرڪاري اسپتال پھچايو، جتي موجود ڊاڪٽرن بيھوش ٿيل ھارين کي علاج ڪري ھوش ۾ آندو جڏھن ته پير بخش جي حالت ڪجھ وڌيڪ خراب ھئڻ سبب سندس علاج جاري ـ