Thursday , February 25 2021
تازاترين
Home / آرٽيڪل / مورو لاءِ لائبريري ڪڏهن ٺھندي؟ ـ آڪاش ڪورائي

مورو لاءِ لائبريري ڪڏهن ٺھندي؟ ـ آڪاش ڪورائي

جيئن ته مورو شهر جي آبادي 5 کان 6 لک آهي پر هتي هڪ به لائبريري نه آهي 2018 ۾ مورو لائبريري جي پروفيسر محمد لائق زرداري جي نالي سان منسوب ڪري سابق ايم پي اي ضياءالحسن لنجار ۽ ڊي سي نوشھروفيروز محترم ڊاڪٽر عبدالستار عباسي ۽ ٻيا هن لائبريري جو بنياد رکيو ان کانپوءِ هن لائبريري جو ٻه دفعا ٽينڊر منظور ٿيو پر ٺيڪيدار پاڻ ۾ وڙهي پيا نتيجي ۾ ٻئي دفعا ٽيبڊر ڪينسل ٿيا مورو جي نوجوان جو مستقبل تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ـ
هن لائبريري لاءِ مورو جا نوجوان 23 جولائي تي منجهند جو 3 بجي کان شام 6 بجي تائين صرف ٽن ڪلاڪن ۾ 70 هزار پوٽسون ريٽويٽ ڪري ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هيش ٽيگ مورو نيڊس لائبريري کي ڪامياب بڻايو ان ۾ وزيراعظم جي معاون خاص شهباز گل پڻ مورو لائبريري جي آواز اٿاريو ۽ بي بي سي، هم ٽي نيوز ڪوريج ڏني انهن مورو جي نوجوان جي هن جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو ان کان پوء هينئر تائين لائبريري بابت ڪابه انتظاميه توڙي پ پ پ جي سينئرن هن لائبريري کي حل نه ڪري سگهيا آهن هن شهر کي لائبريري جي سخت ضرورت آهي جتي نوجوان اسڪول توڙي پنهنجي ٽيسٽن ۾ تياري ڪندا علم ڏانهن لاڙو وڌندو ـ
هر نوجوان جو مستقبل لاء هي لائبريري ڪارائتو ثابت ٿيندي مورو کي لائبريري ڏني وڃي نوجوانن جي ايندڙ نسلن کي بچايو وڃي اسان هڪ دفعو ٻيهر پ پ پ سابق ايم پي اي مورو جي محترم ضیاء الحسن لنجار ۽ ڊي سي نوشھرو فيروز ڊاڪٽر عبدالستار عباسي ۽ مورو جي تمام انتظاميا کي اپيل ڪريون ٿا اسان کي لائبريري ٺهرائي ڏني وڃي اسان پڙهڻ ٿا چاهيون ۽ اڳتي وڌڻ چاهيون خدارا هن مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جو ڀرپور ڪوشش ڪن ۽ مورو کي لائبريري ٺهرائي ڏين….!! ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …