Saturday , March 6 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / مورو جي ڳوٺ الهداد عالماڻي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي

مورو جي ڳوٺ الهداد عالماڻي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي

مورو (رپورٽ علي شير ڏيپر) تعلقي مورو يوسي ڪوٽ ستابو ڳوٺ الهداد عالماڻي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي غريب پورهيتن، بيواهن مبين عالماڻي، علي مردان عالماڻي، محمد خان عالماڻي، عبدالرشيد عالماڻي، بيواه حاجي تگيل، منظور عالماڻي، عبدالستار عالماڻي، اياز علي، قربان علي عالماڻي، عرض محمد، حاجي حاڪم، محمد ياسين عالماڻي، عزيز الله عالماڻي، صالح عالماڻي، قادر بخش عالماڻي، محمد يونس، حامد، فقير غلام نبي، قاصد حسين، هارون، طالب، نذير، بچل، سونو، عبدالڪريم، علي نواز، سميت ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا 25 کان مٿي گهر ڪري پٽ پئجي ويا ـ
متاثرين گهر نه هجڻ سبب ايتري تيز برسات ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، متاثر خاندانن جو چوڻ هو ته مسلسل ٽي ڏينهن برسات پوڻ باوجود اڃان تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي يوسي ڪوٽ ستابو جي چيئرمين مير محمد عالماڻي به اسان جي سار نه لڌي ووٽ وٺڻ کان پوءِ گم ٿي ويو آھي، اسان نوشھروفيروز فلڊ ۽ برسات جي فوڪل پرسن ممتاز علي چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز رائو بلال، سردار عثمان عالماڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا اسان جي سار لهو اسان جي مدد ڪريو جيئن ته اسان وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي سگهون ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …