
مورو (رپورٽ علي شير ڏيپر) مورو تعلقه سرڪاري اسپتال جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي مٿي جي سور ۽ بخار جي گوري به نٿي ڏني وڃي، جنھن ڪري غريب مسڪين مريض بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، ھتان جا سرندي وارا ٻين شھرن مان خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ لڳا آھن جڏھن ته غريب ماڻھو پراڻن ڏس پتن ٽڪي ڦوٽي ۽ ڌاڳي ڦيڻي ۽ درگاھن تي وڃي پنھنجي زندگي جا ڏکيا سکيا ڏينھن ڪٽڻ لڳا آھن ـ
مورو اسپتال کي دوائون مھيا ڪرڻ جو ڪروڙن ۾ ٺيڪو کڻندڙ آءِ ايڇ ايس، اين. جي. اوز وارا دوائن جا ڪوڙا بل ۽ فرضي نالن تي رکيل سيڪورٽي گارڊن ۽ ٽيڪنيشن جي پگھارن جا ڪوڙا بل ٺاھڻ ۾ رڌل آھن، ھتان جي سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مريضن جي وارثن نيشنل پريس ڪلب مورو جي صحافين کي اھڙيون شڪايتون ڪندي ٻڌايو ۽ ھنن چتاءِ ڏيندي چيو ته اگر مورو سرڪاري اسپتال ۾ دوائون مھيا نه ڪيون ويون ته سخت احتجاج ڪنداسين ـ