Saturday , March 6 2021
تازاترين
Home / مضمون / مها راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جو ڪيس تاريخ جي عدالت ۾…! ـ علي عاجز

مها راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جو ڪيس تاريخ جي عدالت ۾…! ـ علي عاجز

جنهن وقت ساري سنڌ سک وسندي هئي. ڪمشير کان ڪيٽي بندر تائين سنڌو جو پاڻي ائين وهندو هو. جيئن ميهنوڳي جي مند ۾ تازو ڦٽل ڳنڊير کائيندڙ سُئا ٿرڻ ڳئون جي ٿڻن مان خوشبودار کير وهندو آهي. سنڌ جي سرسبز زرخيز زمين مان ڪڻڪ جا سنڱ سونن سڪن جي صورت ۾ اپڙي پوندا هئا. جو ڪنهن کي سڄي سال جي ان داڻي جي اون ئي ڪانه رهندي هئي. اهڙي سکي ديس تي بدنام زمانه وحشي ۽ جابر پرمار ۽ پراين ٽڪرن تي پلجندڙ ناڪاره ۽ نڪمي عرب قوم جون اکيون گهڻي وقت کان ئي کُتل هيون. انهن سدائين اهڙا مويقا ٿي تلاش ڪيا. جن کي جواز بڻائي اهي دنيا جي خوبصورت خطن تي يلڪارون ۽ ڪاهون ڪن. پر سنڌ اهو خطو هو. جنهن تي بناجواز عربن ڪيترائي حملا ڪيا هئا. پر هر ڀيري هنن کي سنڌي سرويچن هٿان عبرتناڪ شڪستن جو منهن ڏسڻو پيو. کين بُري طرح ڀڄي پنهنجون جانيون بچائڻيون پيون. پر جيئن ئي اموي گهراڻي جي چعشم و چراغ يزيد بن معاويه پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيوته امام حسين عليه السلام هن جي بعيت کان انڪار ڪيو هو. جنهن تي هنن ڪوفي جي شهر ڀرسان ڪربلا جي ميدان تي تاريخي ڪوس ۽ قتلام ڪرايو. يزيد کي اسلام جي علمن اهو ڪم ڪرڻ شعريت موجب جائز قرار ڏئي ڏنو. ان حوالي سان عبدالواحد آريسر لکي ٿو. ”يزيد جي ڊڪٽيٽرشپ، معاشري ۾ براين ۽ بدڪردارين جو ڄار پکيڙي، اخلاقيءَ بي راهه روي ۽ افراتفري پيدا ڪري ڇڏي هئي، ۽ مسلمان معاشري کي ”رومن امپائر“ جي نقش قدم تي هلائڻ جي رٿابنديءَ ۾ مصروف ٿي ويو. اهڙي جبر ۽ جفا جي سيلاب کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ امام حسين، حق ۽ صداقت جو آواز بلند ڪيو. حسين جي ذاتي ۽ نسبي عظمت ايتري ته بلنديءَ تي پهتل هئي، جو يزيد لاءِ سنئون سڌو حُسين تي قدم کڻڻ مسئلو بنجي ويو. ان ڪري، هن اسلامي عدالتن جي ججن ڏانهن رجوع ڪيو. وقت جي حاڪم جي اشاري جي دير هئي. مفتين جي قلمن جو گهوڙو ڊوڙڻ لڳو، هڪ ٻن نه پر پورن ستر قاضين فتويٰ ڏني ته ”حسين، کي قتل ڪرڻ نه صرف جائز آهي، پر ثواب جو ڪم آهي!“ انهن عالمن هڪ حديث به ٺاهي ورتي، جنهن جا لفظ اوهان جي ڄاڻ لاءِ آءٌ نقل ڪري رهيو آهيان ـ
اِذَ ابويعَ لِخليفُتنُ فاقُلُوا آخر هُماه ـ
يعني جنهن وقت خلافت جا ٻه دعويدار پيدا ٿي پون، ته پوءِ ان کي قتل ڪريو، جنهن دير سان دعويٰ ڪئي هجي“ ـ
پر هتان جا تعصب پرست مورخ اسلام اسلام جي ڪانگن واري ڪانڱري ۾ اهي وساري ويهندا آھن. ته هي جن کي کوکلن بتن کي وڏا لقب القاب ڏئي. ڪوئلن جهڙن ڪردارن کي لفظن جا سونا پاڻي چاڙهي چلڪائي چمڪائي هٿرادو هيرا ٺاهي پيش پيا ڪن. اهي ته پنهنجي ڪردار ۾ هٽلر کان هزار دفعا وڌيڪ حرامي هئا. چنگيز خان هلاڪو جهڙا حرامي به هنن کان هزار ڀيرا بهتر ۽ ڀلا هئا. انهن کي غازي فاتح سنڌ محافظ اسلام جهڙا خطاب ڏئي داراه شڪوه جي دل جهڙن درسي ڪتابن جا دامن سندن ڌپارن وجودن سان وڃن ٿا ڀرينديا. اهي اڻ سمجھ سمجهو اهو به نٿا سمجهن ٿا. حرامن کي هيرا ٺاهڻ سان مهذب دنيا آڏو اسلام جو تصور ڪهڙو اڀري ايندو. خون قتل و غارت پُرتشدد رڳو لهولهان …پر اسلام ته اهڙو هيو ڪين. اسلام ته امن، اسلام ته سلامتي، اسلام ته عالم انسانيت لاء رحمت آ پر پاڪستان جي رياست ۾ اهو اسلام اڻ لڀ آهي. ان جو بنيادي سبب اهي هٿ ٺوڪيا حرامي هيرا آھن. حجاج خاندان جيڪو پوري اسلامي تاريخ جو بدنام زمانه ظالم خاندان آهي. حجاج بن يوسف جهڙو ظالم ماڻهو پوري اسلام جي تاريخ ۾ پيدا ئي ناهي ٿيو. جنهن ڪوفي جي جامع مسجد ۾ هڪ هٿ ۾ قرآن ٻئي هٿ ۾ تلوار کڻي چيو هو. جيڪو هن قرآن جي ڳالھ ڪندو ان جو ڪنڌ هن تلوار سان ڪٽيندس. هن ئي اصحاب رسول صه جي اکين ۾ انبور هڻايا هئا. حضرت عبدالله بن زبير جڏهن ڪعبي ۾ پناه ورتي هئي ته حجاج جي حڪم سان ڪعبي جي ديوارن تي منجيقن سان ڀٿر هنيا ويا هئا. ديوارون ٽوڙي ساڙي حضرت عبدالله بن زبير کي شهيد ڪيو ويو هو ـ
جيڪي ساڳيون ئي منجيقون پوءِ آزاد سنڌ جي سرخ پرچم کي جهڪائڻ ۽ قلعي جي ديوارن کي ڪيرائڻ جي ڪم آيون. بدقسمتي سان سنڌ دشمني ۾ راجا ڏاهر جهڙي بلند و بالا ڪردار جي مالڪ جي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي. مگر پنهنجي ڦڦي سان جنسي تعلقات رکندڙ ۽ کيس ناجائز ٻار جي ماءُ بڻائيندڙ وحشت جي دجالي ديو محمد بن قاسم کي قومي هيرو قرار ڏنو ٿو وڃي. سو وقت اچي ويو آهي ته نوجوان نسل کي انهن ڪوڙن هيرن جي ڪردارن کان واقف ڪجي. ان سلسلي ۾ سنڌ تي حملي جي قصي جي حوالي سان ڪجھ سوال ۽ دليل آئون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ـ
ـ 1. سنڌي ماڻهو جي تاريخ جي ڪنهن دور ۾ ڦُورو قابص ۽ لٽ مار ڪرڻ واري ذهنيت رهي ئي ڪانهي ـ
ـ 2. سنڌ جهڙي وسيع ملڪ جي راجا يا سندس پرجا کي هڪڙي ٻيڙي ڦرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي ـ
ـ 3. ڇا راجا ڏاهر جي زماني ۾ سنڌي سامونڊي حدن مان ٻيڙا هاڪاريندڙ ماڻھن کان محصول اوڳاڙيو ويندو هو. اگر اهو ورتو ويندو هو ته پوءِ ٻيڙي جي سنڌ حدن ۾ حفاظت ڪرڻ حڪومتي فرض هو ـ
ـ 4. اگر واقعي به ڪنهن ٻيڙي کان ڦُر ٿي وئي هئي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هو ته اهي سامونڊي ڌاڙيل راجا ڏاهر جي قبضي ۾ هجن. جو انهن کي راجا ڏاهر عربن حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هوندو. جهڙري ريت اڄ جي جديد دور ۾ پاڪستان حافظ سعيد ۽ اسامه بن لادن جهڙن بين الااقوامي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ کين بين الاقوامي ادارن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪندي چوندو رهيو ـ
ـ 5. اگر هتي عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو ويو هو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگهي ته سنڌ ۾ قيد هڪڙي گمنام ڇوڪري (جنهن جو ڪٿي نالو به ناهي ) سندس خط سنڌ کان عراق ڪيئن پهتو. جيتوڻڪ سال اڳ ڳڙهي تيغواڻي ۾ مغوي بڻيل جگر جلال تائين پاڪستان جي آرمي به نه پئي پهچي سگهي ـ
ـ 6. اگر سنڌ تي حملو اسلام جي سربلندي ۽ مغوي ماڻهن جي بازيابي لاءِ ٿيو هو ته پوءِ ٻه لک سنڌي ماڻهن جو ڪوس ۽ قتل عام ڇو ڪيو ويو ٻه کرب کان وڌيڪ ماليت جو سون ڇو لٽيو ويو. اٺ هزار سنڌي عورتن سان اهڙي ريت ريپ ڪري کين بغداد جي چڪلن تي پهچايو ويو. جهڙي ريت سن 1970ع ۾ پاڪستان آرمي بنگال جي مسلمان عورتن سان ڪيو هو ـ
ـ 7. اگر سنڌ تي حملو اسلام جي وڌاري لاءِ ٿيو هو ته مهاراجا ڏاهر جي پٽ جئي سينا مسلمان ٿيڻ بعد ڇو قتل ڪيو ويو ـ
ـ 8. مسلمان سنڌ ۾ امن امان قائم ڪيو. اها ڳالھ به مخص ڪوڙ ئي آهي. ڇاڪاڻ سنڌ ۾ عربن جا ڪل 34 گورنر آيا جن مان اڪثر پاڻ ۾ وڙهندي مارجي ويا ـ
ـ 9. مهاراجا ڏاهر لاءِ بهتان مڙهيو ويندو آهي ته هن ڀيڻ سان شادي ڪئي. جيتوڻڪ هنڌو ڌرم ۾ ڀيڻ سئوٽ ته ڇڏيو پر ڪنهن به رت جي رشتي سان شادي جائز قرار ناهي. البت عرب مسلمانن جي وڏڙن ۾ ويڳي ماءُ سان شاديون به مروج هيون. هڪڙي جليل القدير اصحابي حضرت عمر رضه جو شجرو ڏسنداسين ته پتو پوندو سندس ڏاڏي پنهنجي ويڳي ماءُ سان شادي ڪئي هئي. ان ڪري جهڙو: وکر هٽ تي هوندو ان جو ئي هوڪو ڏبو، عرب فاتحن پنهنجي دشمن کي نفسياتي ۽ اخلاقي طور تي نيچ ڏيکارڻ ڪارڻ پنهنجي وڏڙن جي ڪرتوتن وارا الزام لڳايا ـ
ـ 10. راجا ڏاهر مذهبي تنگ نظر هو هن اقليتن تي ظالم ڪيا. پهرين ڳالھ ته اگر راجا ڏاهر مسلمانن کي ديبل ۾ مسجد ٺاھڻ جي اجازت ڏي ٿو. محمد علافي کي وزير ٿو مقرر ڪري . آزاد سنڌ جي سڪي جي پويان لفظ محمد ٿو لکرائي. ته پوءِ اهو ڪهڙي ريت مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار ٿيو. ٻڌ ڌرم وارن جا عظيم اليشان اسٽوپا ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته اهي ڪيترا نه آزاد هئا. (جن مان هڪڙو ان دور جو اسٽوپا دولت پور ڀرسان نوابشاه ضلعي ۾ موجود آهي) هڪ ٻئي ڳالھ انهن اموي حڪمران کان تنگ ٿي ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين رضه هڪ جملو هي به چيو هو ته مون کي سنڌ وڃڻ ڏيو. حوالو (معارف ابن قتيبه، ص 95، طبع مصر، 1934ع). جنهن ملڪ لاء امام حسين رضه ائين چوي ان ملڪ جو بادشاه راجہ ڏاھر ظالم ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ان ڪري اها ڳالھ سج جيان صاف ۽ چٽي آهي ته سنڌ تي عربن جي ڪاھ مخص ڦُرلٽ جي ذاتي بدلو ئي هئي نه ئي اسلام جي فلاح ۽ بهبودي لاءِ. سنڌ ۾ اسلام نبي ڪريم صه جن جي زماني ۾ پهچي ويو هو. ان حوالي سان تاريخ يعقوبي جي جلد 1 ص 256 تي لکيل آهي ته : ”سرزمين سنڌ کان هڪ وفد حضور صه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هو. جنهن اسلام قبول ڪيو هو. جن سان گڏ نبي ڪريم صه پنج اصحابي موڪليا هئا. جن مان ٽي واپس هليا ويا هئا. ٻن جي وفات هتي ٿي وئي هئي.“ منهنجي ذاتي ڄاڻ موجب تن مان هڪ جي قبر سکر ۾ عبداالله شاه جي نالي سان ۽ هڪ جي حيدرآباد جي سٽي گيٽ واري علائقي جي آس پاس موجود آهي. تنهن ڪري سنڌ کي محمد بن قاسم جي يلڪار جي ڪري نه پر حضرت محمد صه جن جي موڪليل انهي وفد جي ڪري باب السلام سڏيو ويو آهي. پر انهي تاريخي حقيقتن کي لڪائڻ ۽ عرب ظالمن جي پردا پوشي ڪرڻ ڪارڻ سنڌ کي باب السلام ابن قاسم جي ڪاه سبب ئي پڙهايو وڃي ٿو. جيڪا ننڊي کنڊ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي غلطي آهي. پر جي سنڌ تي ڪاه اسلام جي واڌاري لاء ڪئي وئي هئي ته انهي اسلام ء خليفي جي اخلاق جا بيکا ته خود چچ نامي ۽ تاريخ معصومي ۾ ئي اڊڙيا پيا آهن. محترم نجم عباسي پنهنجي ڪتاب (تصوف جي چير ڦاڙ ) ۾ لکي ٿو ”محمد بن قاسم دارالخلافت ڏانھن قيدين ۾ ڏاھر جون ٻه ڌيئر به موڪليون ھئائين. ھڪ رات خليفي انھن ٻن ڀينرن کي حرمسراءِ ۾ گھرائي حويليءَ جي ٻانھين جي حوالي ڪيو. خليفي جي حڪم سان ٻنھي سنڌي قيدياڻين کي حاضر ڪيائون. سندن منھن تان جيئن نقاب ھٽايائون ته خليفي ھڪ ئي نظر سان انھن ٻنھي پرين جي حسن تي حيران ٿي ھنن کان نالا پڇي، خليفي ھڪڙيءَ کي بستري تي اچڻ جو حڪم ڏنو. ان تي ھن عرض ڪيو ته آءُ بادشاه جي خوابگاه جي لائق ٿي نه ٿي سگھان، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم اسان ٻنھي ڀينرن کي ٽي ڏينھن پاڻ وٽ رکي پوءِ بادشاه ڏانھن موڪليو آھي. خليفو غصي ۽ غيرت کان باه ٿي ويو. حڪم فرمايائين ته ھن بي ادبيءَ جي پاداش ۾ محمد بن قاسم کي ڳئونءَ جي کل ۾ بند ڪري ھتي حاضر ٿئي. (تاريخ معصومي صفحو 65 66) اھو ئي ھو مسلماني اخلاق، جنھن جو اڄ تائين دنيا ۾ ڍنڍورو گھمايو ٿو وڃي، ۽ سو به اسلام جي شروعاتي دور ۾! ۽ انھيءَ اخلاق ۽ مقصد ھيٺ ئي سنڌ کي جنگ جو ميدان بنائي، ھن سرزمين تي رتوڇاڻ ڪرائي وئي، ھزارين بي گناه عام ماڻھن جو خون ڪيو ويو ۽ سنڌ جي صلح سانت واري فضا ۾ فساد برپا ڪيو ويو ۽ ھن خليفي صاحب کي چڙ ڇو آئي؟ ۽ ان کان به وڌيڪ ھن محمد بن قاسم کي اھڙي سخت سزا ڇو ڏني؟ ڄڻ ته اھي ڇوڪريون سندس نڪاح ۾ ٻڌل ھيون! هاڻي جيڪو خليفي پنهنجي سپھ سالار سان اها اخلاقي روش ٿو رکي ته انهن جي دنيا جي ٻين خطن جي ماڻهن ڏانهن سندن ڪهڙي روش هوندي؟ اها اوهين پاڻ تصور ڪري سگهو ٿا. ان ڪري آئون ان نتيجي تي پهتو آھيان ته فوران محمد بن قاسم جي ڪردار کي درسي ۾ هيرو ڪري پيش ڪرڻ بند ڪيو وڃي. گڏو گڏ راجا ڏاهر جهڙي عظيم انسان خلاف چرٻ زباني کان ڪم وٺي کيس ڪمتر ثابت ڪرڻ جون ڪوڙيون ڪوششون به نه ڪيون وڃن. راجا ڏاهر جنهن جي شخصي گڻن سان خود چچ ليکڪ اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. ساڳئي ڪتاب کي ڪجھ وڌيڪ پڙهون ٿا. (الف) ڏاھر جي بادشاھي جي ھاڪ ۽ ڌاڪ انھيءَ حد کي پھتي جو سندس شھنشاھيءَ جي تعريف دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ سندس حڪومت جي تنبوءَ جون طنابون سنڌ ۽ ھندستان جي ملڪن ۾ مضبوط ٿيون. (صفحو 93) (ب) ڏاھر چيو ته ”منھنجي نزديڪ ٻئي جي خدمت ۾ ذلت نموني سر جھڪائڻ کان موت پيارو آھي ۽ ھيءَ ذلت آئون ڪيئن کڻي سگھندس.“ (صفحو 95) (ٻ) اتي ھڪ شامي شخص، جو تيراندازيءَ ۾ ماھر ۽ ھٿ جو ملوڪ ھو، چاھيو ته گھوڙو پاڻيءَ ۾ ھڻي تير وسائي، پر سندس گھوڙو پاڻي کان ٽھي رھيو ھو، ۽ ھيٺ نه ٿي لٿو. اتي راجا ڏاھر پنھنجي ڪمان گھري. سندس ڪمان وڏي، مضبوط ھئي، جنھن تي کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه زھ چاڙھي نه سگھندو ھو. انھي تي زھ چاڙھي، تير رکي، جيترو ٿي سگھيس اوترو ڇڪي، شڪست وٺي تير ھنيائين، تير انھي سوار جي چوٽيءَ ۾ ھنيائين، جو مٿي مان لنگھي وڃي سندس دُن ۾ ويٺو ۽ ھو گھوڙي تان ڪري پيو. (صفحو 208) (پ) راجا ڏاھر چيو ته: ”منھنجي راءِ جي تقاضا آھي ته ھن سان سامھون ٿي جنگ ڪريان، ۽ جنگ پوري ڪوشش ۽ سعيي سان ڪريان. جيڪڏھن انھن تي غالب ٿيس ته پوءِ ھو سڀ ذليل ٿيندا ۽ منھنجي بادشاھي مضبوط ٿيندي ۽ جيڪڏھن ننگ ناموس خاطر ڪٺو ويس، تڏُھن به ھيءَ خبر عرب خواه ھندستان جي ڪتابن ۾ لکي ويندي ۽ بزرگن جي واتان دنيا جي بادشاھن ڪن پوندي ته راجا پنھنجي ملڪ خاطر دشمن جي مقابلي ۾ پنھنجي پياري جان فدا ڪئي.“ (صفحو 221) (ڀ) ڏاھر چيس ته: بُري خبر ڏنئي اٿئي. ۽ ھن کي پنھنجي ويجھو سڏي، ڪاوڙ مان سندس پٺيءَ تي مڪ ھنيائين. ڏاھر جو ھٿ ڳوڙو ھو، جنھنڪري اھو ماڻھو انھيءَ ڌڪ کان مري ويو ـ (صفحو 228) (ت) حبشي مشڪي گھوڙي تي سوار ھو. اڳتي وڌي لڙائي شروع ڪيائين. ڏاھر کي ٻڌايائون ته؛ توسان جنگ ڪرڻ ٿو اچي. راجا ڏاھر ساڻس سامھون ٿيو، ۽ ھاٿي مٿس ھڪليائين. حبشيءَ گھوڙو تڙي ھاٿيءَ جي اڳيان آندو. حبشيءَ جو گھوڙو ھاٿيءَ کان ٽھي پاسو ڪري رھيو ھو. ھڪدم مٿي تان پڳ لاھي، گھوڙي جون اکيون ٻڌي، ھاٿي ٿي ڪاھيائين، ۽ ھاٿيءَ جي سونڍ تي زخم وسايائين ھوڏانھن راجا ڏاھر به ڪنچيءَ جھڙو دو شاخو تير، ڪمان تي رکي، پنھنجي مخصوص استاديءَ ۽ ڏاھپ سان ڇڪي ھنيو، ۽ ھن جو سر ڪلھن کان اڏائي ڇڏيائين، باقي ھن جو ڌڙ گھوڙي تي رھجي ويو. (صفحو 259) (ث) پوءِ انھن زالن چيو ته؛ ”اي راءِ! اسان اوھان جون زالون آھيون، جيڪي عرب لشڪر ھٿان گرفتار ٿي قيد ٿيون آھيون.“ ڏاھر چيو: اڃا مان زنده آھيان، توھان کي ڪنھن گرفتار ڪيو آھي؟ ۽ ڏاھر اسلامي لشڪر تي ھاٿي ھڪليون. (صفحو 262) (ن) مسلمان تير اندازن تير کوليا ۽ ھوا مان تير مينھن وانگيان وسڻ لڳا. ھڪ عرب جو ھٿ ڏاڍو سڌو ھو، تنھن تير ڪشي ڏاھر جي دل تي ھنيو، جنھن جي لڳڻ کان ھو ھاٿيءَ جي مٿان پالڪيءَ ۾ منھن ڀر ڪري پيو. (زخميل حالت ۾ ھوندي به) ڏاھر ھاٿيءَ تان لھي ھڪ عرب سان مقابلو ڪيو. (صفحو 263) (ڀ) ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته راجا ڏاھر جي بھادريءَ جو عربن تي ڏھڪاءُ به اھڙو ھو، جھڙو ھٽلر جو سندس دشمن تي، جو ھٽلر جي موت بعد ھو ڊڄندا رھيا ته شايد ھٽلر اڃا جيئرو آھي، ۽ ڪنھن به وقت اوچتو اچي نه پرگھٽ ٿئي. اجھو چچ نامو ھن طرح لکي ٿو:”پوءِ محمد بن قاسم نظر ڪئي ته جيش کي ڏٺائين. چيائين ته: ”اي اخي عامر جا پٽ، مامرين کي پڙھو ڏيئي چؤ ته راجا ڏاھر غائب آھي: متان ڪنھن ڪنڊ مان نڪري حملو ڪري، تنھنڪري ھوشيار رھجو.“ جيش چيو ته: ”امير! منھنجي دل شاھدي ٿي ڏئي ته ڏاھر ڪسي ويو.“ محمد بن قاسم فڪر ۾ رھيو، ۽ ھر ھڪ کان ٿي پڇيائين ته: ”ڏاھر جي ڪا خبر اٿئي؟ ھو گم آھي.“ (صفحو 264 265) (د) ھڪ ڏينھن راجا ڏاھر شڪار جي سامان ۽ ھٿيارن سان شڪار گاه ۾ ويو. جڏھن شھر جي آسپاس ھڪ طرف ڪتا، چيتن، ۽ بگھڙن ھرڻن تي ڇڏيائين، ۽ ٻئي طرف شاھين باز ۽ شڪرا ھوا ۾ اڏامڻ لڳا، ته اوچتو ھڪ گجندڙ شينھن جي پيدا ٿي ماڻھن جو رستو روڪي ڇڏيو، جنھنڪري شڪارين جي لشڪر ۾ ھيبت ۽ دانھون مچي ويئي. ڏاھر گھوڙي تان لھي پيادو ٿي شينھن جي سامھون ٿيو، ۽ شينھن پڻ جنگ جو ارادو ڪيو. راجا ڏاھر چادر ھٿ تي ويڙھي، شينھن جي وات ۾ وجھي ترار ھڻي سندس ٻئي ٽنگون قلم ڪري ڇڏيون. تنھن کانپوءِ ھٿ ڪڍي ترار ھڻي سندس پيٽ ڦاڙي وڌو، ۽ شينھن ڪري پيو. (صفحو 345 346) ڇنڊڇاڻ: ھڪ سنڌي راجا جي لياقتن جو ايترو اعتراف ته ھڪ عرب تاريخ نويس کي به ڪرڻو پيو. ان جو مطلب ته حقيقت ۾ راجا ڏاھر ان کان سوين دفعا وڌيڪ خوبين جو مالڪ ھوندو. ھاڻي اھڙي شخص کي سنڌ جو ھيرو لکيو وڃي ته اھا ھڪ فخر ۽ حقيقت شناسيءَ جي ڳالھه ٿي. پوءِ ان تي سنڌين لاء راجا ڏاهر جو اولاد سڏائڻ فخر ٿي پوي. سنڌين مان ڪي ڏاھر جي اولاد مان به ٿي سگھن ٿا، ۽ ڏاھر جي سنڌيت، قوميت ۽ جرات جي جذبي جا پوئلڳ به ٿي سگھن ٿا. ان ۾ اعتراض جي ته ڪا به ڳالھه ڪانھي!: مان ئي آهيان مان ئي آهيان منهنجو عزم فولاد مان راجا ڏاهر جو اولاد مان راجا ڏاهر جو اولاد ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …