Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / مقصودورند ۾ غازي عباس ڪالوني منعقد ڪيل سالياني مجلس عزا ٿي گذري

مقصودورند ۾ غازي عباس ڪالوني منعقد ڪيل سالياني مجلس عزا ٿي گذري

شهدادپور (رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ مقصودورند ۾ غازي عباس ڪالوني منعقد ڪيل سالياني مجلس عزا ٿي گذري، جنهن کي ناليوارن عالمن ۽ ذاڪرن خطاب ڪيو، جنهن کي علامه قاري منظور سولنگي، علامه سائين بخش مناظري، علامه رياض حسين نجفي، علامه مدد علي ملاح، علامه سينگارحسين زائر ذاڪر اهلبيت امدا حسين آصي سميت ٻين ناليوارن عالمن ۽ ذاڪرن خطاب ڪيو، بعد مجلس نوحه خواني ۾ استاد ڪمن حاجاڻو سيد رضا عباس شاھ ۽ ٻين انجمنن شرڪت ڪئي، مجلس عزا بعد شيعه علماء ڪائونسل جو مرڪزي اڳواڻ علامه اسد علي شر چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جو جنازو نڪري چڪو آھي، حڪومت ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، جيڪڏهن يزيدي قوت کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ حڪمران استعيفا ڏئي گهر ڀيڙا ٿي وڃن، روئيت هلال ڪميٽي جي چئيرمين کي به فوري طور هٽايو وڃي، هو نيشنل ايڪشن پلان جي جنازي ڪڍڻ ۾ ڪا به قصر ناهي ڪڍي، هن رياست ۾ فساد جي جڙ جو بنياد رکيو آھي هن کي فوري طور برطرف ڪيووڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …