
نوابشاھ (رپورٽ مزمل چانڊيو) معذور عبدالڪريم چانڊيو پاران ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته نوابشاهه ۾ حق گھرڻ ڏوھه بڻجي ويو آهي، ھن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جا ٻن سالن چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان، پرمونکي نوڪري نه ڏني وئي، جڏهن ته مجبور ٿي معذوري ڪوٽا جي نوڪري لاءِ ڊي سي کي ميسيج ڪيو ته مونکي نوڪري ڏني وڃي ٻي صورت ۾ مان خودڪشي ڪندم جنھن تي ڊي سي مڇرجي مون خلاف سڪرنڊ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي، جڏھن ته پوليس جا وڏا اٽالا گذريل چئن ڏينھن کان منھنجي گھر جي ٻاھران بيٺل آھن، جنھن جي ڪري منھنجا ٻچا سخت پريشان آهن ۽ پوليس وارا منھنجي گھر مان فرمائشون ڪري ماني کائن ٿا، ھن چيو ته مون وٽ ايترا پئسا ناهن جو مان ضمانت جي لاءِ وڪيل ڪيان ۽ مونکي نوابشاهه مان انصاف نه مليو جنھن جي ڪري مان اسلام آباد وڃي مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال ڪري رھيو آھيان، ھن چيو ته جيستائين ڊي سي نوابشاهه منھنجي خلاف ڪيس ختم نه ڪندو تيستائين مان واپس نه ايندس ـ