
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ويجهو گُجرپورا وارَي علائقي ويجهو موٽروي تي عورت سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي. ٻن جوابدار بيٺل گاڏي جا شيشا ٽوڙَي ٻارن ۽ عورت کي ٻاهر ڪڍي کين جهنگ ۾ وٺي ويا. جوابدارن ٻارن جَي سامهون عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. گجرانوالا واسڻ متاثر عورت لاهور کان گجرانوالا وڃي رهي هئي ته پيٽرول ختم ٿيڻ ڪري موٽروي تي گاڏي روڪي مڙس جو انتظار ڪرڻ لڳي. جوابدار زيادتي بعد عورت کان هڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ اَي ٽي ايم ڪارڊز ۽ زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا.عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويوـ
وزير اعظم پنجاب عثمان بزدار سخت نوٽيس وٺندي چيو ته ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڏوهاري جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ هوندا، عورت سان اهڙي ظلم ڪرڻ وارا سخت سزا ڀوڳيندا، هن ڪيس ۾ هر صورت ۾ انصاف ملندو ـ
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽئيٽر تي حامد مير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو معاشرو ٿي چڪو آهي؟ رات جي وقت ڪنهن عورت جي گاڏي خراب ٿي وڃي، ان سان گڏ ٻه ننڍا ٻار به هجن ۽ ٻه ماڻهون ان جي مدد ڪرڻ جي بجاءِ ان سان زيادتي ڪن ٿا ـ