Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / قضا قلم وهائيو ـ سردار احمد ٻرڙو

قضا قلم وهائيو ـ سردار احمد ٻرڙو

هوءَ معصوم ڇوڪري هوندي هئي، اکين ۾ هميشه لڙڪن جو ڪينجهر بيٺل نظر ايندو هئس، هوءَ صبح جو سوير پيچرو وٺي گاھ ڪرڻ لاءِ پوتي ڏاٽي ۾ نانگ ويڙھ ڪري نڪرندي هئي ته مان به زمين ڏانهن هوندو هئس. ساحر جي سج جي نواڻ ۽ فطرت کي ڏسي آءُ ڪڏهن ڪهاڻيون ته ڪڏهن شاعري پيو ڪندو هئس. هوءَ جڏهن به منهنجي اڳيان لنگهندي هئي ته سوچن جي سمنڊ ۾ گوتا کائيندي نظر ايندي هئي، هڪ ڏنهن مون به ارادو ڪيو ته ان ڪڻڪائي رنگي ڇوڪري کان پڇا ڪيان ته ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، پر هن روايتن ۽ ظالمن جي پاپي رسمن کان ڊڄي ويس، ڪٿي ڪو الزام نه لڳي وڃي ـ
هونئن ته مان هر هفتي يونيورسٽي مان واپس ايندو هئس ته آچر جي صبح جو ان کي ڏسندو هئس پر سوا ٻه مهينا ٿيا آهن سالياني موڪلون هلي رهيون آهن ته مان هر  روز ان کي ان ئي ڪيفيت ۾ ڏسندو هئس ـ
ڪانونءَ جي اک ڪڍندڙ گرمين جي موسم ۾ آءٌ گرمي جي شدت وڌندي ئي تخليق اڻپوري ڇڏي موٽي ايندو هئس پر هُن جي خبر ناهي الائي ڪنهن مهل واپس ورندي هئي. مون ذهني طور ڏاڍي ڪوشش ڪئي، هُن کان پڇي وٺان پر دل نه جهلي سگهندو هئس. هر روز هوءَ ٽي قدم اڳيان پيرن پويان پوتي گهليندي گذري ويندي هئي ۽ منهنجو شعور منهنجي ملامت ڪندو هو ـ
هڪ ڏينهن جڏهن آءُ ڪهاڻي تي تخليقي ڪم رهي رهيو هئس، هُوءَ منهنجي اڳيان گذري وئي ۽ چند قدم اڳتي هلي بيھ پوئتي نهاري ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ريشم جهڙا چپ کوليائين ـ
ادل! ڇا لکندو آهين؟ ڏکويل آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو، منهنجي دل جي ڌڙڪن وڌي وئي، چپ ڦرڪڻ لڳا قلم هٿ مان ڇڏائجي ويو ـ
دل جهلي جواب ڏنم ڪهاڻيون… ڪهاڻيون لکندو آهيان ـ
جواب ڏيندي ائين محسوس ڪيم رسم جا ڪات ڪهاڙا مون لاءِ تيار ٿي ويا، مان پنهنجي پاڻ کي سوڙهو ڪرڻ لڳس، اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي لڪائڻ گهريم ـ
منهنجي ڪهاڻي به لک، هُن معصوم ڇوڪري بنا ڪنهن مسڪراهٽ ۽ اکين جي لچڪ ۾ چيو، جئين لفظ هُن جي دل مان ريلا ڪري نڪري رهيا هجن ـ
هڪ مظلوم نياڻي منهنجي اڳيان دانهيو! ـ
مان اندر ۾ خوف محسوس ڪرڻ لڳس ۽ بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي ڊائري ۾ مضبوط هٿ وجهي پيچرو وٺي گهر ڏانهن هليو آيس ـ
منهنجي لوندڙين مان پگهر ريلا ڏئي وهي رهيو هو. جسم رڦڻ لڳو هو. هُن جا لفظ منهنجي دل کي جهوري رهيا هئا. مان تڪڙا ساھ کڻڻ لڳس. هُن جو ڪڻڪائي چهرو مون کان بار بار سوال ڪري رهيو هو. مان ان ڪيفيت مان نڪرڻ ۽ سوچن کي ٽارڻ لاءِ شهر ڏانهن هليو ويس. دوستن سان روح رهاڻ ۽ سياسي بحثن کان آجو ٿي رات جو گهر موٽي آيس ـ
ڊائري اڳ ۾ ئي ٽيبل تي رکيل هئي، گولو ٻاري اڻپوري ڪهاڻي کي پورو ڪرڻ لڳس پر قلم کڻڻ سان ئي هڪ آواز وري آيو! ـ
منهنجي ڪهاڻي لک! ـ
ظلم و جبر جي انتها هئي جو سوچون اُتي مائل هيون. مان شهر مان ته ٿي آيس پر پنهنجي تخليقي سوچ ان پيچري جي ڪنڌيءَ تي رهائي آيو هئس. منهنجي قلم اڻپوري ڪهاڻي کي پورو ڪرڻ کان جواب ڏنو. گولي ۾ ٻرڙندڙ شعلو به ڄڻ ڊم فل ٿي هُن جي دانهن ڏئي رهيو هو ـ
مون ڊائري جو ورق ورائي لکڻ شروع ڪيو ۽ اُن جي ڪيفيت جي نظر ايندڙ تاثرات تي ايترو لکي سگهيس، اڳتي مونکي ڪجھ نه مليو ۽ قلم کي به ڄڻ ايتري سُڌ هئي جيترو لکي سگهيو ـ
هن دفعي وري پختو ارادو ڪري ڊائري کي بند ڪيم ته صبح هُن کان ڏک سور اهنج پڇي اڻپوري ڪهاڻي کي پورو ڪندس. ائين هُن معصوم گهايل ڇوڪري جي ڪهاڻي جو ورق صبح جو انتظار ڪندو رهيو ـ
مان کُليل آسمان جي هيٺيان ستارن ڏي نهاريندي خدا جي قانون کي تنقيد جا تير چُڀيندو رهيس ـ
خبر ناهي الائي ڪهڙي وقت ننڊ جا پاڇا اکين ۾ لهي آيا ۽ ننڊ اچي وئي ـ
شهر جي ٿڪاوٽ ۽ رات جو دير تائين ڪم ڪرڻ سبب صبح جو اٿي نه سگهيس، اوچتو ٻاهريان گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس ـ
کڻونس ڊاڪٽر ڏي ساھ اٿس ـ
ڪمدار پيرو جا لفظ منهنجي ڪنن تائين پهتا، مان ٽپ ڏئي کٽ تان لهي در ڏانهن ڀڳس. پيچري جي منهن ۾ هُن جو بي ساھ جسم پاڻي ۾ پسيل پاسيرو لڳو پيو هو ۽ هڪ پوڙهي ان جي پيٽ تي لوٽي سان زور ڏئي رهي هئي ته ان جي وات ۽ نڪ مان پاڻي وهي رهيو هو ـ
پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته مرگهي جو دورو پوڻ ڪري شاخ ۾ ڪري پئي ۽ لڙهندي پئي وئي ڪمدار ڏسي ورتس ۽ ڪڍرائي آيو اٿس ـ
موالي ڀاڻس چنگچي ڪرائي آيو، ٽنگن مان وٺي، منهن زمين ڏانهن لهوارو ڪري چنگچي ۾ رکينس، هُن جون ماٺاريل اکيون، پٽيل وات مان وهندڙ پاڻي جو گروڙا به مونکي چئي رهيا هئا ته منهنجي ڪهاڻي لک! ـ
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ساڳي چنگچي ۾ منهن ڍڪي موٽائي آيا هڪ ڪهاڻي ڌڻي حوالي ٿي وئي ۽ اهو جسم به مونکي بار بار چئي رهيو هيو ته منهنجي ڪهاڻي لک! لکيل ڪهاڻي اتي قضا ٿي وئي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …