Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / قاضي احمد پوليس جي مبينه تشدد ۾ فوت ٿي ويل مختيار زرداري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس

قاضي احمد پوليس جي مبينه تشدد ۾ فوت ٿي ويل مختيار زرداري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) ڪجھ ڏينهن اڳ قاضي احمد پوليس جي مبينه تشدد ۾ فوت ٿي ويل پورھيت مختيار زرداري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪرڻ خلاف يوٿ زرداري فائونڊيشن پاران نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن علي زرداري، امداد زرداري، صاحب خان ۽ نويد زرداري چيو ته مختيار زرداري قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿي ويو ھو جنھن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پھرين ڏينھن تي ڊاڪٽر خاور پاران فوت تي جسم تي سگريٽ جا ڏنڀ ۽ تشدد جي تصديق ڪري رپورٽ جاري ڪئي، جڏھن ته گذريل ڏينهن ساڳئي ڊاڪٽر خاور پاران پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ڪئي وئي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ته مختيار زرداري جو موت پوليس جي تشدد ۾ نه پر طبعي ٿيو آهي جنھن رپورٽ کي اسان مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، ھنن چيو ته ڪاميٽي جوڙي نئين سر پوسٽ مارٽم جي جاچ ڪئي وڃي جيڪڏهن ڪاميٽي نه جوڙي وئي ته اسان ھاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل رپورٽ کي چيلينج ڪنداسين، ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مختيار زرداري جي خون سان انصاف ڪري صحيح ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …