
نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) قاضي احمد واسي جوڙي ۽ پنج مھينا اڳ لاپته ٿيل چئن ٻارن جي ماءُ نماڻي جي مڙس رحمت الله پنھنجي سھري خدا بخش، سس ارباب زادي ۽ چئن معصوم ٻارڙن سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آھي ته پنج مھينا اڳ منھنجي گھر واري نماڻي احساس پروگرام جا پئسا ڪڍرائڻ قاضي احمد جي سينٽر تي وئي ته پرسرار طور لاپته ٿي وئي، اسان سندس گمشدگي خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس اڄ تائين ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ھنن چيو ته اسان کي شڪ آھي ته منھنجي گھر واري نماڻي کي اغوا ڪيو ويو آھي، ھنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته منھنجي گھر واري نماڻي جي بازيابي لاءِ قاضي احمد پوليس کي پابند بنائي معصوم ٻارڙن کي سندس ماءُ واپس ڏياري وڃي ـ