
نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) قاضي احمد جي بچل پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊولڻ ملاح جي رھواسي زمين تي قبضي خلاف نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران حاڪم ملاح پنھنجي گھر وارن زھميران، ڀيڻن ذوليخان، زيبل ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته اسان جي 6 ايڪڙ زرعي زمين تي امير بخش، فقيرو، مھراب ۽ علي گوھر قبضو ڪري ھٿياربندن ويھاري ڇڏيا آهن ۽ اسان تي تشدد ڪري ڌمڪيون ڏين ٿا، ھنن چيو ته بچل پور ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪرڻ جي باوجود جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ـ