
نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران قاضي احمد جي رھواسي مسجد جي معذور موذن محمد حسين چانڊيو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته بااثر رحيم زرداري مونکي نوڪري ڏيڻ جي بھاني 50 ھزار ورتا جڏھن ته ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود نه نوڪري ٿو وٺي ڏئي نه پئسا ٿو واپس ڪري، ھن چيو ته ڪيترائي ڀيرا علائقي جي چڱن مڙسن کي شڪايتون ڪيون پر منھنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھن چيو ته جيڪڏهن مونکي نوڪري نه ملي ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس جنھن جو ذميوار رحيم زرداري ھوندو ـ