Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جي سوين ماڻهن جو 14 ڏينهن به يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جي سوين ماڻهن جو 14 ڏينهن به يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جي سوين پورھيت ملازمن، آفيسرن ۽ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ چوڏھين ڏينهن به يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد وي سي آفيس آڏو بک ھڙتالي ڪئمپ جاري رکي وئي، جڏھن ته بک ھڙتالي ڪيمپ تي شاھه عبداللطيف يونيورسٹي خيرپور ايمپلائيز يونين جي صدر قلندر بخش بوزدار، پريس سيڪريٽري عبدالرحيم چانڊيو ۽ ٻين اظھار يڪجھتي طور شرڪت ڪئي، جنھن بعد ملازمن پاران يونيورسٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شھر کو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، انھيءَ موقعي تي پروفيسر لياقت تنيو، شڪيل چانڊيو، قلندر بخش بوزدار، عبدالرحيم چانڊيو، سراج ڀٽو، اعجاز مغيري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو وائيس چانسلر سليم رضا سمون 14 ڏينھنن کان وٺي ميڊيا تي صرف ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھي ۽ اسان جو ھڪ به مطالبو منظور نه ڪيو آهي ۽ اسان اڄ يونيورسٽي جي گيٽ سامهون پرامن احتجاج ڪري رھيا ھئاسين ته وي سي جي چمچي اطھر ٻرڙي اسان جي ملازمن مٿان گاڏي چاڙھي ۽ اسان جو ھڪ ملازم زخمي ٿي پيو آهي، ھنن چيو ته لاڙڪاڻو ڪئمپس تباھه ٿي ويو آهي، امتحانن جو بائيڪاٽ آھي، ڪئمپس ۾ بجلي ۽ گيس جو بحران آهي، ھنن چيو ته وي سي ملازمن کي گروپن ۾ ورھائڻ جي سازش ڪري رھيو آھي ۽ ملازمن کي ھيسائي رھيو آھي پر اسان چتاءُ ٿا ڏيون ته وي سي اھڙين حرڪتن کان باز اچي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …