Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / رپورٽس ڊائري / قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

نوابشاھ ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ ۽ وي سي جي زيادتين خلاف چئن ڏينهنن کان احتجاج جاري ـ
شاگرد اڳواڻن سھيل جمالي، خالق ڏاهري، سجاد کوسو، حسنين مستوئي، طارق ڏاهري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جون سموريون يونيورسٽيون کليل آھن پر قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميا ھن وقت به آن لائين ڪلاس هلائي رهي آھي، جيڪا شاگردن سان سراسر ناانصافي آهي ـ
اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان به ناهن ورتا ويا. جنهن سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي پر انتظاميا شاگردن جي مستقبل بابت ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان قاصر آهي. اسان شاگرد گذريل چئن ڏينهن کان احتجاج ڪيو آهي ۽ 28 ڪلاڪن کان بک هڙتال تي پڻ ويٺل آهيون پر انتظاميه شاگردن سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري وفاقي وزير کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪري شاگردن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ـ
ٻئي طرف سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي صدر روپلي فراز پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن جي احتجاج جي حمايت ڪندي چيو آهي ته قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن جي انتظاميا کان جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ گذريل چئن ڏينهنن کان احتجاج جي حمايت ڪندي سندن مطالبا تسليم ڪرڻ جي گهر ڪريون ٿا. پنهنجي شاگرد ساٿين کي ڪنهن به ريت اڪيلو نه ڇڏينداسين ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …