Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / فقيراڻي ـ جاويد پنهور

فقيراڻي ـ جاويد پنهور

ها چاندني هاڻ يتيم احساسن جهڙن پنهنجن معصوم ٻار جي پيٽ ۾ بانبڙا پائيندڙ بي رحم بُک کي ڀرڻ لاءِ پنڻ جي رستن تي رُلندي رهي ٿي! ـ
جڏهن ته سندس باقي بچيل جواني به ڪنهن شراب جي ڀريل گلاس کان گهٽ نه آهي پر پوءِ به پنهنجي عشق جي عظمت کي پاڪ رکڻ لاءِ پنهنجي جوان جسم تي ڪنهن به پليتيءَ جو پاڇو پوڻ ئي نه ڏيندي آهي ۽ سڄو ڏينهن زماني جي ذليل زبانن جا اُگهاڙا اکر ٻُڌندي به پنڻ واري هٿ کي هيٺ نه جُهڪائيندي آ ـ
زندگيءَ سان جنگ ڪرڻ ته چاندني لاءِ آسان آ پرانهن گلڙن جو ڇا ٿيندو جيڪي اڃا سندس ڇاتين کان پري ئي ناهن ٿيا، ساڀيان جي لُٽجڻ کان وٺي چاندني جي نئين سفر تائين الائي ڇو اُن ماڻهوءَ کي رڳو من جي مُرڪ سان ئي ڏسندي رهي، پر ڪڏهن به اُن جي دلاسن ۾ لڪيل دغا جي درد کي محسوس ئي نه ڪري سگهي هئي. ڇو جو پاڻ هڪ اُهو عشق بڻجي چڪي هئي جنهن کي اُجرائپ کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نظر ئي نه ايندو آ ـ
هاڻي ته سندس حسن ئي سڀ کان وڏو دشمن هئو ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …