Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / غلام شبير شيخ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران اغوا ٿيل پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي

غلام شبير شيخ نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران اغوا ٿيل پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي

نوابشاھ (رپورٽ مزمل چانڊيو) نوابشاهه جي علائقي سبزي منڊي جي رھواسي غلام شبير شيخ پنھنجي گھر وارن مسمات صاحبه سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران مبينه طور اغوا ٿي ويل پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته 6 سال اڳ نيو ڪراچي واري علائقي مان جوابدار حضور بخش عرف بخشو منھنجي 19 سالن جي نياڻي عائشه کي اغوا ڪري کڻي ويو جيڪا ھن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي ۽ مونکي خبر ناهي ته منھنجي ڌي زنده به آھي يا مري وئي آهي ـ
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار بااثر ھجڻ جي ڪري پوليس ان کي گرفتار نٿي ڪري جڏھن ته جوابدار جون اڳ ۾ به پنج شاديون ٿيل آھن، ھن چيو ته جوابدار مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو جڏھن ته جوابدار مان مونکي جان جو خطرو آھي، ھن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ منھنجي ڌي کي بازياب ڪرايو وڃي.

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …