
لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ سابق وزير خواجه سعيد رفيق لاهور عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام حڪمرانن مان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت جو ڪارڪرگيون عوام لاءِ برداشت کان ٻاهر آهن، عوام جون نظرون اي پي سي جي نتيجي تي آهن ـ
هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو وفاقي بجيٽ سان ڪو به تعلق ناهي، عمران خان ڪراچي جي عوام کي ڪوڙا دلاسا ۽ واعدا ڪري رهيو آهي، ڪراچي پيڪيج صرف اعلان تائين محدود رهندو، عمران خان اڳ ۾ به اهڙا اعلان ڪري چڪو آهي ـ