Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / مضمون / عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. جيڪو سموري ايشيا جي پهاڙي سونهن کي پنهنجي هنج ۾ ائين سمهاريو پيو آهي, جيئن آرهڙ جي ڏينهنن ۾ ڪا ٿرياڻي پنهنجي ابهم ٻار کي هنج ۾ سمهاري مورڇل سان کيس هوا هڻندي آهي.اهو آهي نگر جو ڪارونجهر ۽ ھڪڙو آريسر آهي ان جي ڀاءُ جيان. جيتري ايراضي تي ڪارونجهر جي پکيڙ آهي. هر باشعور سنڌي نوجوان جي دل ۾ آريسر جي احترام جي به ايتري ايراضي آهي. پوء ان جو تعلق کڻي ڪهڙي به سياسي جماعت سان ڇو نه هجي ـ
ڪارونجهر ۽ آريسر ٻنهي تي بي انتها تشدد ٿيو جهڙي ريت انگريز جنرل تروٽ جي تُوبن جو بارود ڪارونجهر تي وسايو هو. بلڪل اهڙي ريت انگريزن جي رهجي ويل سفاڪ نسل جي ماڻهن جي هٽلر جي گسٽاپو کان گهڻا ڀيرا وڌيڪ وحشياڻي تشدد ڪندڙ ادارن جي تشدد جا طريقا آريسر جي جسم تي آزمايا ويا. مگر مان سمجهان ٿو انگريز آخر ۾ ڪارونجهر جو ڪنڌ جهڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. ان ڪري هو پنج هزار ڪولهين کي قتل ڪرڻ روپلي ڪولهي کي ڦاسي جو هار پارائڻ راڻي ڪرڻجي ويرواه جي ٺاڪُر لاڌو سنگھ ۽ اڌي سنگھ سوڍي کي گرفتار ڪري ڏنڊا ٻيڙيون هڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پر انگريزن جو رهجي ويل نسل آريسر کي آڻ مڃائڻ هن پوري پني قد واري ۽ سانوري رنگ واري آريسر جو اوچو ڳاٽ جهڪائڻ جي جتنن ۾ جيتي ڪونه سگهيا. جيتوڻڪ مهاجي لهاڻي ھنس ٻاوي جهڙا ڪيترائي قومي غدار آريسر تي به اک رکيو ساڻس گڏ پيا گهمندا هئا ـ
هن پنهنجي فڪري امام جي ايم سيد سان جيڪو عقيدت ۽ محبت جو رشتو جُوڙيو هو. اهو آخر دم تائين هن جي اندر مان اکڙيو ڪونه . بندوقن جي ڪنداقن جا ڌڪ مست هاٿي جي پيرن جھڙن وحشي هٿن جا چنبا لانگ بوٽن جا ٿڏا ڦٽڪن جا ڦهڪا انڌيرن راتين ۾ قيد تنهائي ۽ ٽارچر سيلن جا سمورا عذاب ان سلسلي ۾ بي اثر ثابت ٿيا. سنڌ جي سياسي قيادت مان واحد ماڻهو هي وائوڙيءّ واسي ئي هو,جنهن سنڌ جي سياست لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ ائين گهوري ڇڏيو هو. جيئن ويٽنام جي سنهڙي بدن ۽ ٻُوچي ڏاڙهي واري انقلابي سياستدان ڪامريڊ هوچي منھ آزاد ويٽنام جي عشق ۾ ڪيو هو.اوريانا فلاچي کي انٽرويو ڏيندي ويٽنام جي صدر هوچي منھ انڪشاف ڪيو هو.” ته وٽس پائڻ ڪاڻ هڪ ڪڙتي ۽ ڪوٽ کان مٿي ڪا ملڪيت ڪونه بچي آهي.”اهڙي ريت آريسر صاحب وٽ به سواء هڪ گاڏي ۽ وائوڙي واري ڳوٺ جي ڪچي گهر جي جتي اندرا ۽ سندس امڙ رهندا هئا.ٻيو ڪجھ نه بچيو هو پر هن جي ڌرتي جيڏي دل سنڌ جي عشق سان سدائين ڀريل رهي ـ
مون کي خبر ناهي ته ٻيا سياسي اڳواڻ سياسي دورن تي ويندا هئا ته سندن کيسن ۾ ڪيترا پيسا پيل هوندا هئا. پر آئون فقط اهو ڄاڻان ٿو ته عبدالواحد آريسر اهو واحد سياسي اڳواڻ هو جو ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويھ روپيا به ڪونه هوندا هئا.ته به هو سياسي دورن تي نڪري ويندو هو. آريسر صاحب سان لاڳاپيل اهڙين ڳالهين جا ڪيترائي عيني گواه اڃان به سنڌ ۾ آهن. اهي ڳالهيون سندس بي انتها سياسي ڪمٽيمنٽ ۽ سچائي کي ظاهر ڪن ٿيون.هن ماروي جيان پرت لڳائي ڪيرت ڪين ڪئي ۽ مارو ملهايا. ان ڳالھ ۾ به ڪيڏي نه هڪ جهڙائي آهي .جو ڀلوا ڄائي ماروي کي به عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ ساڳئي ريت آريسر کي به هڪ دفعو اتي قيد ڪيو ويو ـ
مون کي خبر ناهي ته عمر بادشاه ماروي کي ڪهڙي ڪمري ۾ قيد ڪرائي رکيو هو پر منهنجي هڪ رازدار دوست عمرڪوٽ جي قلعي ۾ مون کي اهو ڪمرو ڏيکاريو هو. جتي آريسر کي قيد ڪيو ويو هو. آريسر اتان نڪرندي ماروي جي پيرن جا نشان ڳولڻ جي خواهش ڪئي هئي. پر مون ۾ ايڏي جرئت ڪونه هئي جو آئون ويجهي کان وڃي اهو ڪمرو ڏسان ها. جتي چوٿين دنيا جي مڌملل لهجي واري عظيم دانشور کي پنهنجي زال جي ڀاڪر مان کنڀي کڻي اچي هتي قيد ڪيو ويو هو پر هڪڙي ٻئي ڳالھ ۾ به ته ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي جو ماروي کي قيد ڪندڙ بادشاه به ذات جو سومرو هو ته آريسر کي آخري ڀيرو ايجنسين هٿان کنڀرائڻ وارو هڪڙو قومي غدار جاسوس به ساڳئي ذات جو هو. پر ماروي ۽ آريسر جو روح به هڪ جهڙو ئي هو.جنهن هر بار چيو ٿي ته
اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان
تنهن ڪري ئي ته جادوگر ڪالم نگار اعجاز منگي پنهنجي هڪڙي ڪالم ۾ـ لکيو هو. ”عبدالواحد آريسر جو وجود سياست جي ڪيچڙي ۾ ڪنول جيان اڇو اجرو آهي.” هن ڪڏهن به پنهنجي ڪردار تي تر برابر ٽڪو لڳڻ ڪونه ڏنو. هن جيڪو ڪجھ لکيو يا چيو ان تي ڪنهن پيغمبر جيان عمل ڪري ڏيکاريو ۽ موٽ ۾ روز ازل کان سچ جي دشمن رهندڙ طاقتن جي عذابن جا انبار برداشت ڪيا. پُرخلوص گانڌي جي سادگي واري انداز تي عمل پيرا هي سنڌ جو ابوالڪلام آزاد سموري حياتي سنڌ جي قوم پرست سياست سان سچو رهي ۽ سنڌي ٻوليءۡ ۾ پرهه جو پيغام، صدين جون صدائون، وريا واهرو، ٽهڪي نڪتا ٽوهه، سر ۾ سانجهي وير، ماڻهو ميگهه ملهار، جي. ايم. سيد وطن پرستي قومي تحريڪ، قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون، ٿي نه محبت مات، ترم ياترا، ماڙين ماريس ڪينڪي، اسان جيئن جيئي ڪو جهان ۾، مجيب ۽ ڀٽو، ڇا ته شخص هو، سِر جي صدا سُر ۾، سچ وڏو ڏوهاري، رُوح جا ريلا، رُوءُ داد هڪ رات جي، اُميد جو قتل، زندگي آزادي ۽ محبت، ڳچي ڳانا لوهه جا، چانڊوڪيون ۽ چيٽ، مولانا ابوالڪلام آزاد جي سياسي بضيرت جهڙا ڪتاب لکي سنڌ تي پنهنجو ڪافي سارو قرض رهائي ويو آهي. جنھن ڏينهن سنڌ جهڙي سدا سهاڳڻ پنهنجي سينڌ ۾ انقلاب ۽ آزآدي جو لال رتو سينڌور ڀريندي ديبل جي بندرگاه تان لٿل لعل جهنڊو ٻيهر لهرائيندو ۽ ڪنهن عرب حملي آور جي اولاد جي ميري نگاه ڪونه کڄبي ان ڏينهن سنڌ پنهنجو رهيل سمورو قرِض واپس ڪندي. ان ويل آريسر جو روح خوشي مان ڪنهن رابيل جيان ٽڙي پوندو . اهو پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيندو ـ
بقول استاد بخاري جي ته ”سرتي جهڙو ڪوبه نه ساٿي ۽ ڌرتي جهڙو ڪوبه نه ڌن“ ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …