Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شھدادڪوٽ شھر جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا جنھن لاء ڪوششون جاري آهن: ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي

شھدادڪوٽ شھر جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا جنھن لاء ڪوششون جاري آهن: ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي

شھدادڪوٽ (رپورٽ: شاهد اعواڻ) شھدادڪوٽ شھر جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا جنھن لاء ڪوششون جاري آهن، شھر جي اھم روڊن جون اڻ پوريون اسڪيمون به جلد مڪمل ڪيون وينديون ۽ ڪجهه اسڪيمن جو ڪم ھلندڙ آهي، ڪنهن به اداري جي آفيسر توڙي ٺيڪيدارن جي لاپرواھي برداش نه ڪئي ويندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي اهڙو اظهار ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ، شھدادڪوٽ ميونسپل کي يو ايس ايڊ پاران سنڌ حڪومت جي سھڪار سان صفائي ۽ سٿرائي لاء ڏنل جديد مشنرين جي فراھمي ڪرڻ دوران ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته شھر جي صفائي لاء ڏنل جديد مشنرين جي باوجود به جيڪڏهن گندگي جي شڪايت ملي ته ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو، ھن چيو ته ميونسپل ڪاميٽن جا اختيار ھن وقت ايڊمنسٽريٽرن وٽ آهن ۽ اھي ئي صفائي، سٿرائي سميت عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ جا ذميوار آهن جنهن ڪري عوام سان رابطي رھن، ھن چيو وائيٽ ڪالر ملازمن جو گھڻي قدر صفايو ٿي ويو آهي پر تنھن ھوندي به جاچ ڪري رھيا آھيون، جيڪڏهن ڪٿي موجود آهن ته انهن جو به صفايو ٿي ويندو، ڊپٽي ڪمشنر شھر ۾ ھلندڙ مختلف اسڪيمن جو به دورو ڪيو جتي ھن آفيسرن کي وقت اندر اسڪيمون پوريون ڪرڻ جون پڻ سختي سان ھدايتون ڪيون ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …