Saturday , March 6 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس خلاف مظاهرو ڪيو ويو

شهدادڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس خلاف مظاهرو ڪيو ويو

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، شهدادڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد حسين ڪاظمي جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان مبينا ناانصافين ۽ 12 ملازمن کي رليو ڪرڻ واري عمل خلاف تعلقه اسپتال جي او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري دروازن کي تالا هڻي ڪم بند رکيو، ان موقعي تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي مرڪزي وائيس چيئرمين اظهر علي سيال، غوث بخش ڪلهوڙو، جاويد علي مغيري، پير بخش بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي اسپتال جي ڊينٽل وارڊ کي ڪورونا واڊ ڄاڻائي لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي هنن جو چوڻ هو ته ايم ايس ٽريزري وارن سان ملي ڀڳت ڪري 3 ڪروڙ روپيا ڪڍرائي پيسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چانڊڪا ايم ايس ڪرپشن جو پڇاڻو ڪرڻ تي پيرا ميڊيڪل جي 12 ملازمن کي رليو ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، ٻي پاسي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن کان آيل مريض بغير علاج وٺي واپس ٿي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …