
شهدادڪوٽ(رپورٽ: شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ ڊي ايس پي شهدادڪوٽ پريس ڪانفرنس ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ان کان پنج لک روڪ رقم ۽ پسٽل برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي، شهدادڪوٽ جي ڊي ايس پي يار محمد رند پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ اڻڃاتل ڦورو واپاري جي منشي وزير سومرو کان هيره آباد پاڙي مان صابو مل جي رائيس مل ويجهو کان 13 لک روڪ رقم ڦر ڪري ويا هئا، ان موقعي تي ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند چيو ته پوليس ڪيس ۾ هڪ جوابدار نور حسن ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو لاڙڪاڻي جو رهواسي آهي جنهن کان 5 لک روپيا روڪ رقم ۽ ٽي ٽي پسٽل برآمد ڪيو آهي، هن چيو ته ڪيس جي جانچ هلندڙ آهي ۽ وڌيڪ جوابدارن جي به ڳولا ۾ آهيون جن کي جلد گرفتار ڪري کيس ڦر ٿيل رقم برآمد ڪرائي ويندي ان موقعي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن اختر ابڙو واپاري اڳواڻ منظور چانڊيو، وزير سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ـ