Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ ۾ ن ليگ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي گرفتاري واري عمل خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو

شهدادڪوٽ ۾ ن ليگ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي گرفتاري واري عمل خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو

شهدادڪوٽ (رپورٽ: شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ ن ليگ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي گرفتاري واري عمل خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شهدادڪوٽ ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا پلي ڪارڊ کڻي ايڊووڪيٽ عبدالوهاب کوسو، شعبان جمالي، محمد اشرف ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ـ
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن جو چوڻ هو ته هو سمجهن ٿا شهباز شريف جي گرفتاري ۾ نيب ۽ وفاقي سرڪار جي ڪٺ جوڙ آهي جنهن ۾ هو ڪامياب نه ويندا، هنن چيو ته شهباز شريف کي گرفتار ڪري هو سمجهن ٿا ته تحريڪ نه هلندي پر تحريڪ اڳتي هلي زور وٺندي، هنن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي ايتري نه هئي پيٽرول ڊيزل سميت عام واهپي جون شيون سستيون هيون ۽ اڄ نيازي حڪومت ۾ پيٽرول سميت عام واهپي جي شين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن سبب پاڪستان جي غريب عوام کي سخت تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …