Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ ۾ راند ڪندڙ ننڍڙن ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڪٽي ۽ ڇني وڃڻ وارا واقعه روز جو معمول بڻيل

شهدادڪوٽ ۾ راند ڪندڙ ننڍڙن ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڪٽي ۽ ڇني وڃڻ وارا واقعه روز جو معمول بڻيل

شهدادڪوٽ (رپورٽ: شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ راند کيڏندڙ ننڍڙن ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڪٽي ۽ ڇني وڃڻ وارن واقعا روز جو معمول بڻيل، پوليس جي ڪن تي جون نه چري، شهر جي مير ڪرم خان بروهي پيٽرول پمپ پاڙي مان 6 ورهين جي بسمه چانڊيو جي ڪنن مان اڻڃاتل چور 4 واليون ڪٽي فرار تي ويا، هوڏانهن واقعي بعد نياڻي روئيندي گهر پهتي جنهن بعد سندس والد عبدالغفور چانڊيو اي سيڪشن ٿاڻي پهچي اطلاع ڏنو ان موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ڪجھ ڏينهن اڳ پنهنجي نياڻي بسمه کي 30 هزار کان وڌيڪ جي ماليت جون 4 عدد واليون وٺي ڏنيون هيون، هن چيو ته ڪجھ ڏينهن کان اهڙو گروپ سرگرم آهي جيڪو نياڻين جي ڪنن مان واليون ڪٺي ۽ ڇني وڃي ٿو وڃي، جنهن کي پڪڙڻ ۾ پوليس مڪمل ناڪام نظر اچي رهئي آهي، هن مطالبو ڪندي چيو ته مان مسڪين آهيان منهنجي نياڻي جي ڪنن مان لاٿل واليون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ـ
ياد رهئي ته ٻارڙن جي ڪنن مان واليون لهندڙ هي 3 واقعو آهي جيڪو ميڊيا تي رپورٽ ٿيو آهي جنهن ۾ گذريل ڏينهن خاراني پاڙي مان گهٽي ۾ راند کيڏندڙ 3 ورهين جي بسمه خشڪ جي ڪنن مان به اڻڃاتل چور واليون ڪٽي فرار ٿي ويا هئا ۽ 5 ڏينهن اڳ ڪالو فقير مڪان پاڙي مان 5 ورهين سونيا مگسي جي ڪنن مان به واليون ڪٽي فرار ٿي ويا هئا جنهن جو اطلاع وارثن حد جي ٿاڻي تي ڏنو هو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …