Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو، ايس يو پي طرفان ٻيٽن بابت جاري آرڊيننس خلاف مظاهرا ڪيا ويا

شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو، ايس يو پي طرفان ٻيٽن بابت جاري آرڊيننس خلاف مظاهرا ڪيا ويا

شهدادڪوٽ (رپوٽ شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ وفاق پاران ٻيٽن بابت جاري آرڊيننس خلاف سياسي جماعتن الڳ الڳ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻا هنيا، ايس ٽي پي ( سنڌ ترقي پسند پارٽي) ۽ پي پي شهيد ڀٽو ( پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو) ڪارڪنن سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف الڳ الڳ احتجاجي مظاهره ڪري ڌرڻا هنيا، ايس ٽي پي ڪارڪنن سبزي منڊي کان ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، رشيد مگسي، داد محمد کنڊ، محسن ميرجت، آزاد سيلرو، زاهد مگسي، رحيم کوسو، عبدالله خشڪ، زوهيب تنيو، تنوير سيلرو، نادر آدماڻي، شاهد سهاڳ، ايس يو پي اڳواڻ الهدادخشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو، هوڏانهن پي پي شهيد ڀٽو ڪارڪنن تعلقه آفيس کان منير بروهي، مشتاق بروهي، شبير کوکر، دائود سولنگي، جبار جويو، امجد قريشي، بلاول زهري ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ان موقعي الڳ الڳ احتجاجي ڌرڻن کي اڳواڻن خطاب ڪندي اڳوڻن چيو ته وفاق ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران سنڌ جي خلاف سازشون ڪا نئين ڳالھ ناهي، هنن جو چوڻ هو ته سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، پاڻي ۽ ناڻي تي وفاق قبضو ڪرڻ کان پوءِ هيئنر سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ پئي وڃي، هنن چيو ته جڏھن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آھي تڏھن کان سنڌ خلاف سازشين ۾ تيزي اچي وئي آھي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ لاء پي ٽي آء سرڪار صدراتي آرڊيبنس جاري ڪري سنڌ جي ڪروڙين سنڌي جي جذبن سان کيڏيو آهي هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي اهڙي آرڊيننس تي خاموشي سواليا نشان بڻيل آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته جاري صدارتي آرڊيننس واپس وٺي ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ختم ڪئي وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …