Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ ۾ آل پاڪستان نوجوان اتحاد پاران شهيد نواب سيف الله خان مگسي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪوٺائي وئي

شهدادڪوٽ ۾ آل پاڪستان نوجوان اتحاد پاران شهيد نواب سيف الله خان مگسي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪوٺائي وئي

شهدادڪوٽ(رپوٽ: شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ آل پاڪستان نوجوان اتحاد پاران شهيد نواب سيف الله خان مگسي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪوٺائي وئي، شهر جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ رٿيل فائينل ۾ ميچ ۾ آل پاڪستان نوجوان اتحاد جي چيئرمين نوابزده مير زرين خان مگسي، ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند، ڊي ايس آر رينجرس عبدالحڪيم، اڪبر خان مگسي، امداد خان مگسي، مخدوم خان مگسي، معشوق علي مگسي، عبدالحميد ڪمبوه، عبدالرحمان جوڻيجو، علي مگسي، بابر مگسي، فهد مگسي، ببلو مگسي ۽ ٻين ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪري راند ڏٺي، ان موقعي تي فائينل ميچ ۾ علي اليون ۽ ڪاڪا اليون ۾ آمهون سامهون مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٽاس ڪاڪا اليون کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي جنهن ۾ 8 اورن ۾ 93رنسون کڻي مخالف ٽيم 94رنسن جو حدف ڏنو علي اليون 6اورن 4بالن ۾ حدف پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي ان موقعي تي مير زرين مگسي خطاب چيو ته صحت جي سرگرمين لاء راند روند تمام ضروري آهي، جنهن جي ڪري اهڙن سرگرمين کي جاري رکڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن اتان جون اسپتالون ويران هونديون آهن آخر ۾ راند کٽيندڙ ۾ ٽرافيون ۽ ٻيا تحفا پڻ ورهيا ويا ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …