Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ ۾ پراڻي تڪرار تان محمد جان کي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ ۾ پراڻي تڪرار تان محمد جان کي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ويجهو پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، شهدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ڀرسان امير بخش ڏنگر لاڙي وٽان پراڻي تڪرار تان محمد جان ولد فقير جان ساسولي کي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، جنهن کي حد جي ٿاڻي جي پوليس کڻائي شهدادڪوٽ تعلقه اسپتال آندو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ـ
قتل ٿيل نوجوان محمد جان حاجي مير دوست ساسولي جي ڳوٺ جو رهواسي هو جنهن جي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پاڻي جي واري تان تڪرار هلندڙ هو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …