Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شهدادڪوٽ سينيئر صحافي ۽ ناليواري شاعر ضمير کرل جي پهرين ورسي ملهائي وئي

شهدادڪوٽ سينيئر صحافي ۽ ناليواري شاعر ضمير کرل جي پهرين ورسي ملهائي وئي

شهدادڪوٽ (رپورٽ: شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ استاد ضمير کرل ورسي ڪاميٽي پاران سينيئر صحافي ۽ ناليواري شاعر مهراڻ ٽي وي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اڳوڻي رپورٽر ضمير کرل جي پهرين ورسي ملهائي، کيس خراج پيش ڪيو ويو، ورسي تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، شهدادڪوٽ جي مزدور شادي هال ۾ استاد ضمير کرل ورسي ڪاميٽي پاران رٿيل سينيئر صحافي ۽ سنڌ جي نامياري شاعر ضمير کرل جي پهرين ورسي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي توڙي شهري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ناليواري شاعر عزيز قاسماڻي، مدهوش ڀٽو، احمد علي صابر چانڊيو، ممتاز علي جويو، وهاب پندراڻي، شاهد اعواڻ، زوار حسين بخش کرل، شبير ڪمبوه، عبدالغني مجاهد ڏيٿو، مير امجد علي ميرجت، مير غيبي خان مغيري، مير مظفر بروهي، طارق خشڪ، حيات تونيو، مجاهد اعواڻ، حبدار ميرجت، حمل خشڪ، عرس سيلرو، الطاف سومرو، عبدالوحيد ڀٽي، پير بخش ڀٽي، رستم سومرو، عبدالله شاه اطهر، رستم جمالي، نياز حسين ڀٽي، انيل ڪمار گرناڻي اي ڊي کوکر، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، فدا چانڊيو، سيد اڪبر شاه، انور ڪليم، بابر جاگيراڻي، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، يونس خالص سيلرو، ساجد ضمير کرل، ۽ ٻين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ضمير کرل هڪ شخص نه هڪ ادارو جي حيثيت رکندڙ شخصيت هو، هنن جو چوڻ هو ته ضمير شاعري ۽ صحافت ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائي ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا ۽ هو هڪ عظيم انسان هو جيڪو ساه جي آخري گهڙي تائين پنهنجي پروفيشنل سان سچو رهيو، هنن جو چوڻ هو ته سندس ڪيل قلمي پورهئي سبب ئي اڄ به هو ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ـ
هنن چيو ته ضمير کرل گهڻ پاسي شخصيت هو جنهن شاعري، صحافت ۽ پينٽنگ سان پاڻ ملهايو، هنن چيو ته ضمير سان ميڊيا جي قسمت جي ديوي راضي هئي جو کيس هن وٽ ماڻهن جي مسئلن کي بيان ڪرڻ سان گڏ لفظن جي جادوگري ۽ ماڻهن جا مسئلا بيان ڪرڻ جي ڪمال جي محارت هئي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس سان دنياء جي ڏکن، پريشانين، تڪليفن جو روح سان گهرو لاڳاپو رهيو جنهن جي سبب ئي هن کيس پنهنجي زندگي ۾ خوشيون گهٽ ۽ تڪليفون وڌيڪ ڏٺيون، هنن جو چوڻ هو ته ضمير کرل ادب ۾ پاڻ ملهايو ۽ ثابت ڪيو ته هن جي دل ۾ ڪربلا جي شهيدن جو درد سمايل آهي، هنن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هو پنهنجا درد لڪائي مسڪراهٽون تقسيم ڪندو هو ۽ هن ۾ احساس جي گهرائي موجود هئي، ان موقعي تي استاد ضمير کرل جي زندگيء تي ٺهيل رپورٽ پراجيڪٽر ذريعي نشر ڪري ضمير کرل جي ڪيل علمي، ادبي، توڙي صحافتي زندگي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي پروگرام ۾ حيدر علي سومرو، اسلم عادل وڌو، عطاءالله پندراڻي، علي رضا کوکر، ساگر ڀٽي، عبدالله کوسو، ضمير گولو، عمران کرل، الهداد خشڪ ،وقار ڀٽي، مجيب خان مستوئي، سرتاج مگسي، فدا ڀٽي، قاسم سومرو، عدنان ڀٽي، محمد شعيب ڇڄڙو، رفيق ثمر ڀٽي، واحد ڪالاڻي، حبيب الله جروار، ڪرم مگسي، وشال پلياڻي، محسن لاشاري، سردار مگسي، حفيظ الله چانڊيو، اسلم مگسي، طالب سومرو، غلام تقي کرل، فيصل مغيري، محمد حسين ڀٽي سميت شهر جي سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …