Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شعيب دستگير کان پوءِ پنجاب جو نئون آءِ جي انعام غني مقرر

شعيب دستگير کان پوءِ پنجاب جو نئون آءِ جي انعام غني مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان شعيب دستگير جيڪو اڳ ۾ پنجاب ايڊيشنل آءِ جي مقرر هو، ان جي جڳھ تي انعام غني کي مقرر ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت کان پوءِ هي پنجاب جو 6 انسپيڪٽر جنرل آهي ـ
شعيد دسگير کي سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن مقرر ڪيو ويو، جنهن جو وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي ـ
ياد رهي ته ان کان اڳ شعيب دستگير ۽ نوان مقرر ڪيل سي سي پي او ۽ عمر شيخ جي وچ ۾ اختلاف جون خبرون پڻ سامهون آيون هيون ـ
عمران خان جي خاص اسسٽنٽ ڊاڪٽر شهباز گل طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ نئين مقرر ٿيل آءِ جي پنجاب انعام غني کي مبارڪ باد پيش ڪئي ۽ چيو ته اميد ٿا ڪيون ته هو بهتر ڪم سرانجام ڏيندو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …