Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شاهپور جهانيان ۾ 12 هين محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

شاهپور جهانيان ۾ 12 هين محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

شاهپورجهانيان (رپورٽ اسد جاني) انجمن پاسدارن حضرت ابو طالب عہ ۽ شيعا علماء ڪائونسل شاهپور جهانيان پاران 12 محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس درگاهہ درگاه سيد شهنشاهہ جهانيان ۽ سيد ڪوڙل شاهہ جي پڙ تان سيد باقر علي جهانيان، سيد حامد علي شمن شاهہ جهانيان جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ۽ انجمن پاسداران حضرت ابوطالب عہ جي رضاڪارن جي سخت پهري هيٺ شهزادي اصغر جي پينگهہ، امام قاسم جي سيج ۽ تعزيي سان برآمد ٿيو، جنهن ۾ شاهپور جهانيان، دولتپور، مورو، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن مان سوين عزادارن شرڪت ڪئي، ماتمي جلوس جي گذرگاهن تي جسقم اڳواڻن ۽ سماجي ڪارڪن استاد عبدالفتاح ٻگهيو، ظفر ٻگهيو، اسد جاني، سيف سنڌي پاران مٺي پاڻيء جون سبيلون لڳايون ويون، جلوس ۾ مشهور نوحہ خوانن شهداء ڪربلا جا قصيدا پڙهي کين خراج عقيدت پيش ڪئي، ماتمي جلوس ٻگهيا محلا، سيٺر روڊ ۽ ٻين روايتي رستن تان ٿيندو شهيد صحافي محمد منير آرائين چوڪ پهتو تہ مجلس عزا کي مشهور ذاڪر اهلبيت اوشاق علي، مولوي امام الدين لانگاهہ خطاب ڪيو ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيندڙ امام حسين عہ ۽ سندن ٻچڙن جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي اصولن تي روشني وڌي، ماتمي جلوس ۾ موجود عزادارن پاران نيشنل هاء وي تي باب جهانيان آڏو خنجرن ۽ زنجيرن سان ماتم ڪري امام حسين عہ ۽ سندس جانثار ساٿين کي پرسو پيش ڪيو، ماتم دوران سيد حنيف شاهہ، نذير احمد، احمد علي، مشاهد حسين، منظر حسين، ظهير علي ۽ ٻين زخمين کي شاهپور جهانيان اسپتال جي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏني، ماتمي جلوس روايتي رستن تان ٿيندو درگاهہ سيد ذاڪر علي جهانيان تي نحر ٿيو، جتي مومنن کي ننگر نياز ڪرايو ويو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …