Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شاهپور جهانيان ۽ ڀرپاسي جي لکين ايڪڙن جي زمين ۾ شاخ جو پاڻي بند ڪرڻ کانپوءِ فصل سڪي سڙي ويا

شاهپور جهانيان ۽ ڀرپاسي جي لکين ايڪڙن جي زمين ۾ شاخ جو پاڻي بند ڪرڻ کانپوءِ فصل سڪي سڙي ويا

شاهپورجهانيان (رپورٽ: اسد جاني) شاهپور جهانيان ۽ ڀرپاسي جي لکين ايڪڙن جي زمين تي بيٺل فصل انجنيئر طارق ڪيهر پاران هٿراڌو کوٽ ڄاڻائي شاخ جو پاڻي بند ڪرڻ کانپوءِ فصل سڪي سڙي ويا، آبادگار دشمن انجنيئر ننڍن آبادگارن سان بيواجبيون بند نہ ڪيون، اهڙي عمل خلاف ڳوٺ حاجي سليمان ٻگهيو، ڳوٺ همير خان، ڳوٺ عزيزالله ٻگهيو، ڳوٺ عرض محمد لغاري، ڳوٺ الهہ ورايو ٻگهيو، ڳوٺ فتح علي پنهور، ڳوٺ دين محمد آرائين ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين امداد ٻگهيو، عارب ٻگهيو، غلام محمد ماڇي، پرويز آرائين، نذير چانڊيو، معشوق ٻگهيو، علي مراد سولنگي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي متاثر هارين جو چوڻ هو تہ آبپاشي انجنيئر دولتپور مائنر طارق ڪيهر آبادگار دشمن آهي، هو دولتپور شاخ جو هٿراڌو کوٽ ڄاڻائي پاڻي بند ڪري اسان جا فصل سڪائڻ چاهي ٿو، هنن چيو تہ هڪ طرف حڪومت ٻوڏ جا هوڪا ڏئي رهي آهي ۽ ڪچي جي علائقن مان ماڻهو پڪي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن تہ ٻئي پاسي اسان جي فصلن لاء پاڻي ڪونهي، هنن چيو تہ آبپاشي انجنيئرطارق ڪيهر پاران دولتپور شاخ جو پاڻي بند ڪري يزيديت جو ڪردار نڀايو آهي، هنن چيو تہ اسان جا فصلن تي لکين روپيا خرچ آهي ، ان باوجود پاڻي بند هجڻ ڪري اسان جا فصل سڙي ناس ٿي ويا آهن، آبادگارن آبپاشي وزير، سيڪريٽري ايريگيشن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ فورن دولتپور شاخ کي پاڻي ڏنو وڃي ، ٻي صورت ۾ آبپاشي انجنيئر طارق ڪيهر جي آفيس جو گهيراء ڪنداسين ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …