Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شاهپور جهانيان ڀرسان ايس ايم بچاء بند جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

شاهپور جهانيان ڀرسان ايس ايم بچاء بند جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

شاهپور جهانيان (رپورٽ: اسد جاني) شاهپور جهانيان ڀرسان ايس ايم بچاء بند کي بارشن سبب خطرناڪ کڏا پئجي ويا ، کڏن پوڻ سبب بچاء بند هنڌان هنڌان زبون حال ٿي ويو، ايس ايم بچاء بند جي مرمت لاءِ انتظاميا پاران واهر نہ ڪرڻ خلاف ڳوٺ ارگو ٻگهيو، ڳوٺ ڦل ٻگهيو، ڳوٺ جمن ٻگهيو، ڳوٺ محمد هاشم ڪانڌڙو، ڳوٺ جمن ٻگهيو، ڳوٺ بنگل خان بڙدي جي رهواسين جو بچاءِ بند تي احتجاجي مظاهرو، مظاهري بعد ڳوٺاڻن احمد خان ٻگهيو، غلام علي، آفاق احمد ۽ وقار ٻگهيو دانهيندي چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ ٻين واسطيدارن کي دانهڻ باوجود بچاءِ بند جو مرمتي ڪم نالي ماتر ڪيو ويو آهي، ماڻهو جيڏا وڏا خطرناڪ کڏا پوڻ ڪري ڪيترائي دفعا موٽر سائيڪل سوار کڏن ۾ ڪري پون ٿا، هنن ٻڌايو تہ ٻوڏ جو پاڻي مسلسل چاڙهہ سبب ۽ بند ۾ پيل کڏن ۾ مٽي نہ وجهڻ ڪري اسان جو ساهہ مٺ ۾ اچي ويو آهي، ڳوٺاڻن اهو بہ ٻڌايو تہ کڏن پوڻ ڪري بچاءِ بند ڪنهن مهل بہ ٽٽڻ جو خطرو آهي ۽ اسان جا ڳوٺ بچاءِ بند سان گڏ آهن، جنهن ڪري سنڌ حڪومت، ضلع نوشهرو فيروز ۽ ايس ايم بچاءِ بند انتظاميا فورن پيل کڏن ۾ مٽي وجهرائي ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …