Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شاهپور جهانيان پريس ڪلب ۾ اجلاس ٿي گذريو

شاهپور جهانيان پريس ڪلب ۾ اجلاس ٿي گذريو

شاهپورجهانيان (رپورٽ: اسد جاني) شاهپور جهانيان پريس ڪلب جو اجلاس پريس ڪلب جي صدر عبدالوحيد ڏاهري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر نائب صدر ظفر ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز چنا، پريس سيڪريٽري اسد ٻگهيو، جوائنٽ سيڪريٽري فيض فريد کوکر، خزانچي اياز بگو، عبدالفتاح ٻگهيو، قاسم جاني، محمد احمد منهاس، علي محمد چنا، نعيم چنا سميت 22 ميمبرن مان 15 ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ عبدالوحيد ڏاهري، محمد ياسين آرائين، ظفر ٻگهيو، عبدالعزيز چنا چيو تہ اجلاس اهم هوندا آهن، جن ۾ سڀني ميمبرن جو هجڻ لازمي آهي، اجلاس ۾ بنا سبب جي شرڪت نہ ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ، پريس ڪلب جي صحافين خلاف فيس بڪ ، واٽس اپ تي غلط پوسٽون رکندڙ ماڻهن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا ۽ صحافين جو تحفظ ڪيو ويندو ، هر صحافي پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي صحافين خلاف ٿيندڙ شازشن خلاف آواز اٿاريندو، اسد ٻگهيو، قاسم جاني، فيض فريد کوکر چيو تہ پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ هر پريس ڪانفرنس جو اطلاع صدر، سينئر نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري سميت سموري باڊي کي ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ غير قانوني پريس ڪانفرنس ڪرائيندڙ صحافين خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس جي فيس مقرر ٿيل هوندي آهي ۽ اها فيس پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارو ادا ڪندو، اياز بگو ۽ محمد احمد منهاس چيو تہ صحافت ادارن سان سڃاتي ويندي آهي، صحافي ڪنهن اخبار يا ٽي وي چينل سان لاڳاپيل ضرور هجي، آخر ۾ صحافتي ميدان ۾ نوان ايندڙ صحافين جي ميمبرشپ تي پڻ بحث ڪيو ويو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …