Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شاهپور جهانيان پريس ڪلب پاران پ ٽ الف تعلقہ مورو جي ڀٽائي پينل جي عهديدارن آجياڻو ڏنو ويو

شاهپور جهانيان پريس ڪلب پاران پ ٽ الف تعلقہ مورو جي ڀٽائي پينل جي عهديدارن آجياڻو ڏنو ويو

شاهپور جهانيان (رپورٽ: اسد جاني) شاهپور جهانيان پريس ڪلب پاران پ ٽ الف تعلقہ مورو جي ڀٽائي پينل جي عهديدار استادن رجب علي زرداري، عبيدالله ابڙو، محمد ڪريم دل ۽ جاويد ٻگهيو کي پريس ڪلب جي حال ۾ پريس ڪلب جي صدر عبدالوحيد ڏاهري، سينئر نائب صدر ظفر ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز چنا، اسد جاني، نعيم چنا ۽ ٻين پاران آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي صحافين عبدالوحيد ڏاهري، عبدالفتاح ٻگهيو، قاسم جاني، فيض فريد کوکر، اختيار ڏاهري چيو تہ پريس ڪلب عوامي مورچہ آهن، سائنس جي ترقي ۾ استاد جو وڏو هٿ آهي، استاد جي بهترين تعليم جي بدولت دنيا چنڊ تي پهتي آهي، استاد ٻار کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ٿو، جنهن سبب هو پنهنجي وطن ديس جي خدمت ڪري ٿو، استاد جي محنت سان سٺا انجنيئر، سائنسدان، ڊاڪٽر ۽ ايماندار آفيسر پيدا ٿين ٿا، ڀٽائي پينل جي استاد اڳواڻن رجب علي زرداري، محبوب لاڙڪ، حبيب الله سولنگي، عبدالطيف چنا، مختيار جويو، محمد خان لغاري، عبدالصمد آرائين، اختر آرائين، خان محمد چنا، جهانگير ۽ ٻين چيو تہ شاهپور جهانيان پريس ڪلب هميشہ غريب عوام جو ساٿ ڏنو آهي، هنن شاهپور جهانيان ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهواسين جو آواز ايوانن تائين پهچايو آهي، اسان استاد برادري پريس ڪلب جي صحافين پاران اڄوڪي ڏنل آجياڻي تي ٿورائتا آهيون، هنن استاد برادري کي اپيل ڪئي تہ 11 آڪٽومبر تي ڪرسي تي ٺپو هڻي ووٽ ڪري ڀٽائي پينل کي ڪامياب ڪندا ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …