Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / شاهپورجهانيان ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ماتمي جلوس

شاهپورجهانيان ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ماتمي جلوس

شاهپورجهانيان (رپورٽ اسد جاني) شاهپورجهانيان ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جهانيان سادات جي مخدوم سيد حسن شاهہ جهانيان جي حويلي تان سيد حسن شاهہ جهانيان، ڊاڪٽر اسد جهانيان ۽ سيد مقصود شاهہ جهانيان جي حويلي تان سيد عون محمد شاهہ جهانيان جي اڳواڻيءَ ۾ ٻہ الڳ الڳ ماتمي جلوس سيج، تعزيي ۽ ذوالجناح سان، مختلف ٿاڻن جي پوليس جي سخت سيڪيورٽي جي نگراني ۾ برآمد ڪيا ويا ـ
ماتمي جلوس جي گذرگاهن تي پوليس جا نوجوان الرٽ هئا ۽ جلوس ۾ ايندڙ ماڻهن کي سخت چيڪنگ ڪرڻ بعد جلوس ۾ ڇڏيو پئي ويو، ماتمي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گرزن ۽ زنجيرن جو ماتم ڪيو، ماتم دوران گل حسن، عطا محمد، علي بخش، علي احمد، مير حسن ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي ڊاڪٽرن جي ٽيم طبي امداد ڏني، مجلسن کي خطاب ڪندي ذاڪرن چيو تہ ڪربلا ۾ امام حسين عہ جي قرباني حق ۽ سچ جي خاطر هئي، يزيد ناحق تي هئو انڪري قيامت تائين لعنت جو حقدار ٿي ويو، امام ڪربلا جي قول وانگر اسان کي وقت جي هر يزيد سان پنهنجي حقن خاطر ظالمن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو، جڏهن تہ ٿيلسيميا سينٽر نوابشاهہ پاران سماجي ورڪرن ڊاڪٽر معشوق ڪوريجو، فهيم چنا، گلناز بلوچ، علي جان ميمڻ ۽ ٻين پاران رت جي کوٽ وارن ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ لاء ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ مومن پاران رت جون 35 بوتلن جو عطيو ڏنو ويو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …