
شاهپورجهانيان (ر پورٽ اسد جاني) شاهپورجهانيان ۾ محرم الحرام دوران هر طرف غم حُسين ۽ ياحُسين ياحُسين جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون آهن، ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن تي بہ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽائون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، جهانيان سادات جي سيد غلام سرور شاهہ جهانيان، ڳوٺ عبدالغفور لانگاهہ، ڳوٺ بهادر جسڪاڻي سميت مختلف ماتمي پڙن تان مومنن پاران گرزن، ڀالن ۽ ڇرين سان عزاداري جو سلسلو جاري آهي ۽ هر طرف سبيلن مجلسن ۽ ماتم جون صدائون بلند آهن، شيعا علماء ڪائونسل جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي مجلسن جا ۽ ماتم جا پروگرام ڪيا ويا آهن، انهي سلسلي ۾ 10 هين محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيد انعام علي جهانيان جي پڙ تان هڪ وڏو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو تابوت شهزاده علي اڪبر عليہ السلام، ذوالجناح ۽ علم پاڪ تي مشتمل هو، ماتمي جلوس ۾ شيعا مومنين پاران زوردار سينا زني پڻ ڪئي وئي، جڏھن تہ ڪورونا سبب سينيٽائيزر جو استعمال ڪيو ويو ـ