Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / مضمون / سياست ڇا آھي ۽ ڇو ضروري آھي ـ اويس فيض

سياست ڇا آھي ۽ ڇو ضروري آھي ـ اويس فيض

لفظ ”سياست“ جنھن کي انگريزي ۾ پوليٽڪس چئجي ٿو. ان جي معنيٰ آھي سياسي ڌنگ ۽ طور طريقي سان شھري ۽ بنيادي حق وٺڻ. پر مختلف سماجن جي اسرڻ سان گڏوگڏ ان لفظ جي معنيٰ مختلف طريقن سان سمھجي وڃي ٿي. جنھن کي سمجھڻ لاءِ سرچ ڪيو يوٽيوپ ۽ گوگل بيج جتي اوھان سياست بابت مختلف وضاحتون ملنديون. ڇو جو سياست ڪو سائنسي قانون نہ آھي، جنھن جي مخصوص ھڪ ئي وضاحت ھجي ـ
ڪجھ ملڪن کي ڇڏي، جن کي سوشلٽ ملڪ چئيو وڃي ٿو، انکان ھٽي ڪري باقي سموري دنيا جي ملڪن اندر ٻن قسمن جي سياست ڪئي وڃي ٿي. جنھن مان ھڪ کي ساڄي ڌر طور سمجھيو وڃي ٿو، جيڪا سرمائيدارن، ٺڳن، وحشي ۽ عوام جي رت پياڪ سياست آھي، جنھن عوام ۽ ماڻھن کي رڳو ٺڳي ۽ منافعي خوري ڪرڻ ئي سيکارئيو آھي. تہ سياست رڳو ڪم ئي آھي عوام جي ڪيل پورھئي کي ڦٻائڻ ۽ ان ۾ ڳرا ٽيڪس ھڻي پنھنجي ۽ پنھنجي نسل لاءِ سٺي تعليم ۽ سٺيون سھولتون وٺن، جنھن جو مثال نواب شاھ بحرياٽاؤن ۾ اچيون ۽ اعليٰ قسم جڳھيون ٺاھڻ ۽ ان کي ٽوئرنگ پوانٽ نالو ڏيڻ تہ جيئن وڌ وڌ سرمائيو ڪمائي سگھجي وري انھن تي ٻيڻا ۽ غيرن قانوني ٽيڪس لڳائي ان سرمائي منا ٽيڻ تي سرمائيو ڪمائيو وييدو. جنھن فائدو بہ انھن سرمائيدار نسلن کي ئي ٿيندو، پر ان الٽو انھن ماڻھن کي ڇا مليو جن جو زمينون ڪجھ ڪروڙ رپين ۾ ھڙپ ڪيون ويو، جو ھاڻي انھن کي جيڪڏھن پنھنجي زمين اندر قدم رکڻو ھوندو تہ انھن کان قدم رکڻ جا پئسا ورتا ويندا، جيئن اڄ ڪلھ ٽوئر پوائٽ تي ھر شيءِ جو ٽيڪس ورتو وڃي ٿو. ڇا اھو ايترو ٽيڪس اھي غريب ماڻھون ڀري سگھندا؟ ڇا انھن جي نسلن ڪو ان مان فائدو ٿيندو؟ ڇا انھن جي تعليم، تربيت انھيءَ سرمائداري نسلن وانگي ھوندي؟ بڪل بہ ڇو ساڄي ڌر جي سياست جو ڪم ئي آھي منافعي خوري ڪري عوام کي ڦري ۽ انھن تي قبضاگيري ڪري انھن تي حڪمراني ڪرڻ. اھڙو کوڙ مثال اوھان کي امريڪا، انڊيا، مديني ڪشمير،افغنستان. وغيرہ مختلف رياستي نظامن ملندا ـ
ٻئي سياست جنھن کي کاٻي ڌر طور سمجھيو وڃي ٿو، ٻين لفظن کاٻي ڌر ڪجھ سياستدان عوامي سياست بہ چوندا آھن، جيڪا عوام جي زريعي ڪئي ويندي آھي. جنھن جو مقصد انساني برابري ۽ حقن ۽ امن جي بنياد تي ھوندو آھي. ھي اھو سياستي نظام ھوندي آھي، جنھن ۾ ھر شھري ۽ عام ماڻھو کي بہ ايترو ئي آسائشن ۽ضرورتن جي حق آھي، جيترو ھڪ ساڄي ڌر جي حڪمران ۽ سرمائيدارن کي آھي. جيڪو ممڪن آھي يا نہ آھي اھو الڳ سوال آھي، پر ھر فرد کي پنھنجي جيئڻ ۽ ڪم ڪرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ جو حق قانوني طور تي ملڻ گھرجي. جيئن مخلتف ملڪن جي شھري ۽ سوشلسٽ رياست ۾ ٿئي ٿو ـ
مثال ساڳئي نواب شاھ واري بحريہ ٽائون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، غريب ماڻھن جي انھن ڦٻايل زمينن تي اچين ۽ اعليٰ قسم جي عمارتن جي بجاءِ ھڪ سٺو فري ڪائونسلنگ تعليم نظام ٺاھيو وڃي ھا تہ جتي مختلف موِضوعن تي ٻارن کي تربيت ۽ تعليم ڏئي، تہ جيئن انھن امير ٻارن وانگر انھن مقامي غريب ٻارن بہ پر امن ۽ خوشگوار زندگيءَ گزاري سگھن ھا. کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست ۾ اھو ئي فرق آھي، اھو ئي سبب آھي جو اسانکي پنھنجي بنيادي حقن ۽ پرامن زندگيءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ کپي. جنھن کي سياست جي پيراميٽر آندو وڃي ٿو. ۽ ان ناانصافي، ظلم ۽ جبر خلاف جدوجھد سان گڏوگڏ سياست عوام جو. بھترين احساس آھي. ماڻھن جي احساسن ۽ خوشگوار زندگيءَ لاءِ سياست ضروري آھي ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …